ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) ناليواري اداڪاره صبا قمر پاران نئين ڊرامي ”معمه“ ۾ بولڊ انداز اختيار ڪرڻ تي مداحن تنقيد جا تير وسايا آهن، صبا قمر نئين ڊرامي ”معمه“ ۾ ڏسندڙن جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي. ”معمه“ ۾ صبا قمر جي بولڊ انداز تي سندس ڪجهه مداح ناراض آهن اداڪاره صبا جو هڪ بولڊ فوٽو شوٽ به وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ کيس فٽڊ گائون پاتل آهي، جنهن تي به تنقيد ٿي رهي آهي.