صحافت رڳو خبر ٻڌائڻ جو نالو ناهي، صحافت سماج جي ضمير سان ٿيل هڪ اهڙو واعدو آهي، جنهن ۾ قلم کي سچ جو شاهد، ظلم جو نقاب چاڪ ڪندڙ ۽ بي آواز ماڻهن جو آواز بڻجڻو پوي ٿو. صحافت جو بنيادي قدر ئي اها ذميواري آهي ته حڪمرانن کان سوال ڪيا وڃن، طاقتور کان پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ ڪمزور جي دانهن کي سماج جي ڪنن تائين پهچايو وڃي. جيڪڏهن صحافي قلم اقتدار جي ميز تي رکي ۽ نيوز اسٽوڊيو ۾ ان ئي اقتدار جي ترجماني ڪرڻ لڳي، ته پوءِ اخبار ۽ نيوز روم جو ڪو سماجي ڪارج باقي نه ٿو بچي. ۽ صحافت جو روح مري وڃي ٿو.
لفظ “صحافت” جي نسبت عربي لفظ “صحيفه” سان جوڙي وڃي ٿي، جنهن جو تعلق لکيل تحرير، ڪتاب ۽ پيغام سان آهي. آسماني صحيفن جي روايت ۾ لکيل لفظن جو مقصد انسان کي هدايت، حق ۽ سچ ڏانهن وٺي وڃڻ رهيو آهي. انهيءَ معنوي پسمنظر ۾ صحافت جي سڀ کان وڏي اخلاقي ذميواري به اها ئي بڻجي ٿي ته ڪوڙ کي سچ جو لباس نه پارائجي، ظلم کي قانون جو نالو نه ڏجي ۽ طاقت جي اڳيان پنهنجي ضمير کي گروي نه رکجي. پر جڏهن صحافت بازار جو وکر، اقتدار جي خوشنودي ۽ اشتهاري مفادن جي تابع ٿي وڃي ٿي، تڏهن خبر ۽ پروپيگنڊا جي وچ واري حد آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳي ٿي. پوءِ”خبر“اها نه ٿي رهي جيڪا حقيقت آهي، خبر اها بڻجي وڃي ٿي جيڪا ڪنهن جي مخصوص مفاد ۽ منشا جو پورائو ڪري ٿي. ٻئي طرف اليڪٽرانڪ ميڊيا تي “بحث” اهو هجڻ گهرجي، جنهن ۾ مختلف خيالن جي ڏي وٺ هجڻ گهرجي، بحث مباحثو ان کي نه ٿو چئي سگهجي، جنهن جو نتيجو پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ئي طئي ٿيل هجي. اهڙي ماحول ۾ صحافي سوال ڪندڙ نه، پر سوال ٺاهيندڙ سھولتڪار بڻجي وڃي ٿو، تجزئيڪار اڻ ڌريو نه، پر مخصوص بيانيي جو خالق ۽ معمار بڻجي وڃي ٿو. اسان جي نام نهاد قومي ميڊيا جو ڪردار اوهان کي پڙهڻ، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ بلڪل اھڙو ئي نظر ايندو.
پاڪستان جي صحافتي تاريخ کي جيڪڏهن سنڌ جي نظر سان ڏسجي ته ڪيترائي اهڙا باب سامهون اچن ٿا، جن تي اڄ به سنجيده سوال اٿن ٿا. سنڌ جي سياسي ۽ آئيني حيثيت، ڪراچي جي مسئلي، ون يونٽ جي قيام ۽ ان جي خاتمي، ٻوليءَ جي سوال ۽ صوبائي خودمختياري جي جدوجهد دوران نام نهاد قومي ميڊيا جو هڪ وڏو حصو سنڌ جي قومي ۽ جمهوري موقف کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندو رهيو آهي. خاص طور اردو ميڊيا جي هڪ حصي سنڌ جي حقن جي تحريڪن کي ڪڏهن صوبائيت، ڪڏهن ملڪ دشمني ۽ ڪڏهن نام نهاد قومي يڪجهتي جي خلاف سازش طور پيش ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. اها ڳالهه سمجهڻ ضروري آهي ته ڪنهن به ملڪ ۾ قومي وحدت جو مطلب اهو ناهي ته ان ملڪ جي مختلف قومن، ٻولين، تاريخن ۽ علائقائي حقن کي هڪ ئي قالب ۾ رکي ماپيو يا توريو وڃي. پاڪستان هڪ وفاق آهي ۽ وفاق جي خوبصورتي ئي ان ڳالهه ۾ آهي ته ان جون وحدتون پنهنجي تاريخ، ثقافت، ٻولي، وسيلن ۽ سياسي حقن سان گڏ وفاق جو حصو رهن. جيڪڏهن وفاق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ صوبن جي سڃاڻپ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته وفاق مضبوط نه، بلڪه وڌيڪ نازڪ ۽ ڪمزور ٿيندو. سنڌ جي حوالي سان اها ڳالهه وڌيڪ حساس آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ رڳو هڪ انتظامي يونٽ ناهي. اها هزارين سالن جي تهذيبي تسلسل، سنڌو درياهه جي تمدن، موهن جي دڙي جي ورثي، شاهه لطيف جي فڪر، سچل جي سرمستي، ساميءَ جي سادگي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان جڙيل هڪ قوم جي تاريخي شعور جو نالو آهي. سنڌ جي وحدت کي رڳو ضلعن ۽ ڊويزنن جي انتظامي سرحدن سان ماپڻ تاريخي حقيقت کي محدود ڪرڻ برابر آهي. ون يونٽ جو تجربو انهيءَ سلسلي ۾ تاريخ جو سيکاريل وڏو سبق آهي. 1955ع ۾ صوبائي ايڪائين کي ختم ڪري اولھ پاڪستان کي هڪ انتظامي وحدت بڻائڻ جو تجربو آخرڪار سياسي مزاحمت، عوامي بيچيني ۽ وفاقي ڍانچي بابت خدشن جو سبب بڻيو ۽ 1970ع ۾ ون يونٽ ختم ٿيو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته انتظامي نقشا حڪمرانن جي پينسل سان ته ٺهي سگهن ٿا، پر قومن جي سڃاڻپ حڪم نامن سان ختم نٿي ڪري سگهجي.
سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هڪ بنيادي حقيقت اها رهي آهي ته سنڌ پنهنجي حقن جي جدوجهد کي وفاق جي خلاف جنگ طور نه، پر وفاق اندر پنهنجي جائز حيثيت، خودمختياري ۽ وسيلن تي حق جي جدوجهد طور ڏسندي رهي آهي. سنڌ جو سوال وفاق کي ٽوڙڻ جو سوال نه آهي، پر اھو پاڪستان جي وفاقي روح کي بچائڻ جو سوال آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو وفاق پنهنجي وحدتن کي عزت ڏئي ٿو، اهو ئي ڊگهي عرصي تائين مضبوط رهي سگهي ٿو. اها ڳالهه به نظرانداز نٿي ڪري سگهجي ته 26هين آئيني ترميم 2024ع ۾ منظور ٿي، جنهن ۾ عدالتي ڍانچي ۽ آئيني بينچن بابت اهم تبديليون شامل هيون، جڏهن ته 27هين آئيني ترميم 2025ع ۾ قانون بڻجي وفاقي آئيني عدالت جي قيام جو بندوبست ڪيو. قومي اسيمبليءَ جي سرڪاري رڪارڊ ۾ اهي ٻئي آئيني ترميمون قانون طور درج آهن. ان ڪري موجوده سياسي بحث کي آئيني ادارن، پارليامينٽ، صوبائي خودمختياري ۽ عدالتي ڍانچي جي وسيع پسمنظر کان ڌار ڪري ڏسڻ مناسب نه ٿيندو.
ساڳئي وقت پاڻ نظر وجهنداسون اردو ميڊيا تي، جنهن کي پڻ احتساب کان آزاد نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن ڪنهن ميڊيا هائوس وٽ “باخبر ذريعا” هجن، ته ان جو مطلب اهو ناهي ته هر دعويٰ حقيقت بڻجي وڃي ٿي. صحافت ۾ ذريعي جي رازداري پنهنجي جاءِ تي اهم آهي، پر دعويٰ جي تصديق، مختلف ڌرين جو موقف، دستاويزي ثبوت ۽ آئيني حقيقتون ان کان به وڌيڪ اهم آهن. “ذريعن موجب” صحافت جو اختتام نه، تحقيق جي شروعات هجڻ گهرجي. سنڌ بابت به اها ئي اصولي گهرج آهي. اردو، سنڌي، انگريزي يا ڪنهن به ٻوليءَ جي ميڊيا کي سنڌ جي عوام جي خدشن کي “قوم پرستي” جي طعني سان رد ڪرڻ بدران انهن کي سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو ڪراچي، سمنڊ، درياهه، زمين، قدرتي وسيلن، روزگار ۽ سياسي نمائندگي بابت سوال ڪن ٿا ته انهن سوالن جا جواب دليل سان ڏنا وڃن، الزام سان نه. جمهوريت ۾ اختلاف کي دٻائڻ بدران ٻڌڻ ئي سياسي دانش آهي. سنڌي سماج پنهنجي جدوجهد ۾ دليل، قانون، جمهوريت ۽ پرامن سياسي شعور کي بنياد بڻايو آهي. سنڌ جو شعور سمجهي ٿو ته جذبات قومن کي متحرڪ ضرور ڪندي آهي، پر ڊگهي جدوجهد کي فڪر، تنظيم، علم، آئيني شعور ۽ سياسي حڪمت عملي اڳتي وڌائيندي آهي. سنڌ جي وحدت جو دفاع ڪنهن ٻئي قوم خلاف نفرت پيدا ڪرڻ سان نه، پر پنهنجي حقن لاءِ مضبوط دليل پيدا ڪرڻ سان آهي. هاڻي جڏهن ته سنڌ جي وحدت ۽ وفاق پاڪستان کي بچائڻ کان اڳ صحافت کي بچائڻ جو آهي. ڇا نام نهاد قومي ميڊيا اقتدار جي ترجمان رهندي يا عوام جي شاهد بڻجندي؟ ڇا ٽيليويزن جو نيوز اسٽوڊيو اڳواٽ طئي ٿيل نتيجن جو ميدان بڻجندو يا حقيقي سوالن جي جاءِ؟ ڇا صحافي طاقتور کان به اهو ئي سوال ڪندو جيڪو ڪمزور کان ڪري ٿو؟ تاريخ جو فيصلو دير سان اچي سگهي ٿو، پر اچڻو ضرور آهي. مارشل لا، جنرل ايوب خان، ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف جي دورن جا تجربا اهو ٻڌائين ٿا ته حڪم سان خاموشي ته پيدا ڪري سگهجي ٿي، پر دائمي سياسي اتفاق پيدا نٿو ڪري سگهجي. رياستون بندوق، قانون ۽ طاقت سان هلائي سگهجن ٿيون، پر مضبوط وفاق صرف اعتماد، انصاف ۽ رضامندي سان قائم رهندا آهن. سنڌ جي وحدت کي انتظامي تجربي، سياسي ضرورت يا عوامي خواهش جي بنياد تي ڪنهن ڏينهن بحث هيٺ آندو وڃي ته اهو بحث بهرحال سنڌ جي عوام جي آزاد راءِ، آئيني حقن ۽ جمهوري رضامندي کان سواءِ مڪمل نٿو ٿي سگهي. ۽ صحافت جو اصل امتحان به اتان ئي شروع ٿيندو، ڇا هوءَ طاقتور جي اعلان کي خبر بڻائيندي يا عوام جي سوال کي به خبر سمجهندي؟ صحافت جيڪڏهن واقعي “صحيفي” جي معنوي ورثي سان جڙيل آهي ته پوءِ ان جو پهريون فرض سچ جي شاهدي آهي. ظلم ڪنهن به ڌر جو هجي، سوال ٿيڻ گهرجي، اقتدار ڪنهن به اداري وٽ هجي، احتساب ٿيڻ گهرجي، ۽ حق ڪنهن به قوم جو هجي، ان جو احترام ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي وحدت بابت به آخري فيصلو ڪنهن بند ڪمري، ٽي وي اسٽوڊيو يا افواهن جي بازار ۾ نه، پر آئين، پارليامينٽ، عوامي رضامندي ۽ تاريخ جي کليل عدالت ۾ ٿيڻ گهرجي. ڇو ته ڌرتيون صرف نقشن تي نمودار نه هونديون آهن، اهي قومن جي يادگيرين، قربانين، ٻولي، ثقافت ۽ اجتماعي شعور ۾ جيئنديون آهن. ۽ جنهن قوم جي شعور ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جو احساس زنده هجي، ان کي طاقت سان ورهائڻ کان اڳ تاريخ کان ضرور پڇڻو پوندو ته اقتدار جا نقشا بدلجي سگهن ٿا، پر قومن جي تاريخ کي حڪم سان مٽائي نٿو سگهجي.