| صحافي اسد طور کي هراسان نه ڪرڻ جو حڪم |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي جي طلبي نوٽيس خلاف يوٽيوبر اسد علي طور جي درخواست تي ٻڌڻي دوران اختيارين کي جاچ دوران صحافي کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج جسٽس خادم حسين سومرو جاچ آفيسر کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. ٻڌڻي دوران اسد علي طور جي وڪيل عطاءُ الله ڪنڊي موقف اختيار ڪيو ته جعلي ۽ ڪوڙي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي الزامن تحت نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. اسد علي طور جاچ ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهي، پر کيس گرفتاري جو خدشو آهي. جسٽس خادم حسين سومرو پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي خبر کي جعلي قرار ڏنو ويو آهي. وڪيل ٻڌايو ته باني پي ٽي آءِ عمران خان جي طبي حالت بابت هڪ صحافي جي حوالي سان ڏنل خبر تي هي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. عدالت جاچ آفيسر کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ملتوي ڪري ڇڏي.