صحافي مطيع الله جي منشيات ۽ دهشتگردي ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر
نومبر 29, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صحافي مطيع الله جان اسلام آباد ۾ گرفتار، دهشتگردي ۽ منشيات جو ڪيس داخل، ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو. تفصيل موجب دهشتگردي ٽوڙ اسلام آباد جي عدالت ۾ سينيئر صحافي مطيع الله جان کي پيش ڪيو ويو. ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ اسلام آباد جي جج طاهر عباس سپرا ڪئي. پراسيڪيوٽر جنرل راجه نويد عدالت ۾ پيش ٿي صحافي مطيع الله جان جو 30 ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي. وڪيل فيصل چوڌري چيو ته اسان کي ٿورو وقت ڏنو وڃي جوابدار سان مشاورت ڪرڻي آهي. صحافي مطيع الله تي پوليس تي تشدد ڪرڻ، هٿيار کسڻ ۽ منشيات رکڻ جو الزام آهي. وڪيل هادي علي چيو ته مطيع الله جان خلاف داخل ڪيس مذاق جهڙو آهي. مطيع الله جان سينيئر نامور صحافي آهي، حق لاءِ آواز اُٿارڻ متعلق سڃاتو ويندو آهي. مطيع الله جان پمز رات جو پهتو ته ماڻهن سيلفيون ڪڍرايون. مطيع الله جان سان گڏ صحافي ثاقب بشير به موجود هيو. وڪيل چيو ته مطيع الله جان پمز اسپتال ۾ احتجاج ۾ فوت ڪارڪنن جي رپورٽنگ ڪري رهيو هيو. جج طاهر عباس سپرا پراسيڪيوٽر جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته مطيع الله جان وٽان ڇا برآمد ٿيو آهي؟، صحافي ثاقب بشير جو حلفيه بيان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. مطيع الله جان جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته ڪيس کي ڊسچارج ڪيو وڃي. وڪيل ايمان مزاري چيو ته احتجاج ۾ ڪارڪنن تي سڌيون گوليون هلايون ويون. جج طاهر عباس سپرا چيو ته گولين، فائرنگ وغيره جو مسئلو ناهي. سياسي تبصرا ڪرڻ جي ضرورت ناهي. صحافي مطيع الله جان چيو ته الزامن ۾ ٻه شيون سامهون رکيون وڃن. جج طاهر عباس سپرا چيو ته صحافين کان اهڙي واقعي جي توقع ناهي،ڇا اِن بنياد تي ڊسچارج ڪيو وڃي. مان به مطيع الله کي سڃاڻيندو آهيان، مشهور صحافي آهي. ڇا ڪو صحافي نڊر هجي، حڪومت تي تنقيد ڪري ته ڇا ڪو ڏوهه نٿو ڪري سگهي؟، ڇا مون کي ذاتي معلومات جي بنياد تي فيصلو ڪرڻو آهي؟. وڪيل فيصل چوڌري چيو ته ڪهڙي جواز تي مطيع الله جان جو 30 ڏينهن جو جسماني رمانڊ گهريو ويو آهي. اهو ته ٽن ڏينهن جو به نٿو ٺهي. عدالت مطيع الله جي جسماني رمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جنهن عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي صحافي مطيع الله جان جو ٻن ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو. جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ مرگلا روڊ تي پوليس ناڪابندي ڪئي هئي، رات سوا 2 وڳي ايف 10 کان ايندڙ تيز رفتار گاڏي آئي، اشاري تي گاڏي نه بيٺي، ڊرائيور گاڏي پوليس اهلڪارن مٿان چاڙهي ڇڏي، هڪ شخص ٻاهر نڪري گاڏي مان ٻاهر نڪري پوليس اهلڪار مدثر کي تشدد جو نشانو بڻايو، رائفل کسي اهلڪارن تي تاڻي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، پوليس اهلڪار ان شخص کي قابو ڪري ورتو، سڃاڻپ مطيع الله جان طور ٿي جيڪو نشي جي حالت ۾ هو، گاڏي جي تلاشي ورتي وئي ته سيٽ جي هيٺان 246 گرام آئس برآمد ٿي، دهشتگردي سوڌو ٻيا قلم ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ عمران حڪومت دور ۾ 21 جولاءِ 2020ع تي به مطيع الله کي اغوا ڪيو ويو هو پر ڪجهه ڪلاڪن بعد اسلام آباد ويجهو فتح جنگ ۾ ڇڏيو ويو هو.