| صحت کاتي ۾ مبينا جعلي ڀرتي ٿيل ملازم کي 17گريڊ ۾ ترقي ! |
حيدرآباد(بيورو رپورٽ) صحت کاتي سنڌ جو ڪمال، جعلي ڀرتي ٿيل ملازم کي 16 ھين مان 17 ھين گريڊ ۾ ترقي ملي وئي. صحت کاتي جي آر ايم اين سي ايچ حيدرآباد سوڌو ٻين ضلعن جي ملازمن جي ترقي بابت ٽي ڏينهن اڳ آرڊر جاري ڪيا ويا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سال 2005 ۾ جعلي ڀرتي ٿيل ملازم شعيب رومي کي 17 ھين گريڊ جي سپريٽينڊنٽ جي عھدي تي ترقي ڏني وئي، شعيب رومي جي نوڪري بابت جاچ لاءِ درخواست ڏيندڙ سينيئر ملازم اڪرم ملاح جو سينارٽي لسٽ مان نالو غائب ڪيو ويو . جنهن تي پروموشن کان متاثر ملازم اڪرم ملاح الزام هنيو آهي ته شعيب رومي 2005ع دوران 16 ھين گريڊ جي اسسٽنٽ اڪائونٽ آفيسر جي پوسٽ تي لکت واري امتحان ۾ فيل ٿيو هو. شعيب رومي کي جعلسازي ذريعي 11 ھين گريڊ جي اسسٽنٽ جي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو. اڪرم ملاح جو چوڻ آهي ته جعلسازي ذريعي ڀرتي ٿيل شعيب رومي خلاف سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ ڪيس ھلندڙ آھي، صحت کاتي شعيب رومي کي غير قانوني طور تي ترقي ڏني آھي، جنهن خلاف عدالت ويندس.