صحت کاتي ۾ ڊبل پگهارون کڻندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي جو حڪم

صحت کاتي ۾ ڊبل پگهارون کڻندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي جو حڪم

سکر (بيورو رپورٽ) صحت کاتي ڊبل پگهارون کڻندڙ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صحت کاتي ليٽر جاري ڪري ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، نوابشاهه، لاڙڪاڻي ڊويزن جي سڀني اسپتالن، ڊي جي هليٿ، ڊائريڪٽر هليٿ، سنڌ جي سڀني ڊي ايڇ اوز، نرسنگ ڪاليج، خود مختيار ادارن جمس جيڪب آباد، سمس شهدادپور، گمس گمبٽ، عبدالله شاهه انسٽيٽوٽ سيوهڻ ۽ ٻين کي هدايتون جاري جاري ڪري ڇڏيون. جاري ڪيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اها ڳالهه نوٽيس ۾ آئي آهي ته صحت کاتي جا ڪجهه ملازم خزاني مان هڪ وقت ٻه ٻه پگهارون کڻي رهيا آهن، جيڪا مالي قائدن ۽ سروس ڪنڊيٽ جي ڀڃڪڙي آهي. هڪ وقت ڊبل پگهار کڻندڙ سڀني ملازمن خلاف ڪارروائي ڪري کنيل پگهارون واپس ڪرائي تفصيلي  رپورٽ ڏني.