صحيح ڪيو ۽ هليا وڃو، احتجاج ڪندڙن کي برداشت نه ڪنداسين: ٿرڪول انتظاميا ڌمڪين تي لهي آئي

صحيح ڪيو ۽ هليا وڃو، احتجاج ڪندڙن کي برداشت نه ڪنداسين: ٿرڪول انتظاميا ڌمڪين تي لهي آئي

اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ٿرڪول بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين تازو احتجاج ڪرڻ ۽ حق گھرڻ جي ڏوھ ۾ نيڪالي ڏنل ڊرائيورن کي سائيٽ آفيس تي گھرائي ڪوري ڪاغذن تي صحيحون وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،مزدورن انڪاري ڪندي واپس لڳائڻ جو مطالبو رکيو جنھن تي ڪمپني جواب ڏئي ڇڏيو،اھڙي عمل بعد ملازم پريس ڪلب تي پھتا ۽ احتجاج ڪيو ويو،انھي سلسلي ۾ نيڪالي ڏنل مزدورن مھتاب راھمون،رميش ڪمار ميگھواڙ،شاھد ٻٻر،نياز منڱريو،مجيب الرحمان سميجو،گل محمد سميجو،فيض محمد وڪيو،شعبان وڪيو،دولت راء ڀيل ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي،احتجاج ڪندڙ ملازمن دانھيندي چيو ته اسان کي ڪمپني آفيسرن چالاڪيءَ گيٽ نمبر ڇهھ تي گھرايو،صبح 9 بجي کان سڄو ڏينهن اسان گيٽ تي انتظار ڪيو، شام جو ھڪ چائنيز ۽ ٻه سپروائيزر آيا جن ميسيج ڏنو ته توھان سيٽلمينٽ تي سائن ڪيو ۽ ھليا وڃو،اسان چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته بليڪ لسٽ ڇو ڪيو ويو آھي،جنھن تي ڪمپني عملدارن چيو ته توھان ڪمپني خلاف احتجاج ڪرڻ جي جرئت ڇو ڪئي،احتجاج ڪندا ته ھتي روزگار نه ملندو،ھتان ھليا وڃو،احتجاج ڪندڙن کي اسان برداشت نه ڪنداسين،احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان سيٽلمينٽ کان انڪاري ٿياسين ۽ پريس ڪلب پھتاسين،اسان کي پنھنجا حق گھرڻ تي نيڪالي ڏني وئي آھي،ھاڻي وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.