صدارتي چونڊن جو شيڊول پهرين مارچ تي جاري ڪرڻ جو اعلان: نامزدگي فارمن جي وصولي شروع

فيبروري 27, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن صدارتي چونڊن جو شيڊول پهرين مارچ تي جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي موجب صدارت لاءِ خواهشمند اميدوار اڄ کان ئي نامزدگي ڪاغذ حاصل ڪري سگهن ٿا، 2 مارچ تي ڏينهن جو 12 وڳي تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهبا

 آئين تحت صدر جي چونڊ عام چونڊن کانپوءِ 30 ڏينهن اندر ڪرائڻ لازمي آهي، آرٽيڪل 91 ۽ 130 تحت سمورين اسيمبلين جي پهرين ويهڪ چونڊن جي 21 ڏينهن اندر ٿيڻي آهي

اليڪشن ڪميشن موجب 29 فيبروري 2024 تي سموريون اسيمبليون وجود ۾ اچي وينديون، اهڙي طرح صدر جي چونڊ لاءِ گهربل اليڪٽورل ڪاليج جي تڪميل ٿي ويندي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • بجيٽ کان هڪ ڏينهن اڳ گهٽ پئسا ڏيڻ جو چيو ويو: وڏو وزير