اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ صدارتي چونڊون 9 مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي. اليڪشن ڪميشن ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن پاران 9 مارچ تي ٿيندڙ صدارتي چونڊن بابت باضابطا شيڊول جاري ڪيو ويندو
واضح رهي ته صدر عارف علوي جو پنج سال آئيني مدو 8سپٽيمبر 2023ع تي پورو ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ نگران نظام هئڻ سبب عارف علوي صدر پاڪستان جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي ۽ آئين موجب اليڪشن ٿيڻ جي هڪ مهيني تائين صدر پنهنجي عهدي تي رهي سگهي ٿو