صدارتي چونڊ ۾ ووٽ ڏيو: محمود اچڪزئي فضل الرحمان وٽ پهچي ويو

مارچ 2, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سني اتحاد ڪائونسل جو اميدوار محمود خان اچڪزئي صدارتي چونڊن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان وٽ پهچي ويو

پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جو سربراهه ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته سني اتحاد ڪائونسل جو صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي

ملاقات دوران محمود خان اچڪزئي صدر جي چونڊن ۾ ووٽ گهري ورتا،  ان موقعي تي محمود خان اچڪزئي چيو ته توهان سان پُراڻو واسطو آهي، اسان تحريڪ ۾ به گڏجي وقت گذاريو آهي، اُميد توهان اسان جي سپورٽ ڪندا

 مولانا فضل الرحمان جواب ڏيندي چيو ته پارٽي قيادت سان مشاورت بعد فيصلي کان آگاهه ڪندو، 2 ڏينهن اڳ نواز شريف به حڪومت ۾ گڏ هلڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي

Leave A Comment