ٽنڊوغلام حيدر(ن پ و) پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل صدام لاشاري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٽنڊو غلام حيدر ۾ به احتجاجي ريلي ڪڍي وئي
مبيناپوليس مقابلي ۾ قتل ٿيل ٺل واسي صدام حسين لاشاري جي خون کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ٽنڊي غلام حيدر جي ڍوڪياھه واھ بس اسٽاپ تي مين بدين حيدرآباد روڊ تان لاشاري برادري سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ مختلف ساڃاھ وندن طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو
ان موقعي تي اڳواڻ خادم لاشاري عظيم شاھ، عنايت لاشاري کمن لاکو ۽ ٻين چيو ته جيڪب آباد پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ بيگناهه صدام لاشاري کي قتل ڪري مقابلو ڏيکاري وڏي بي واجبي ڪئي آھي
هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ معاملي جو نوٽس وٺي صدام لاشاري جي وارثن سان انصاف فراهم ڪري