صدام لاشاري جي قتل ڪيس جي عدالتي جاچ مڪمل: فيصلو محفوظ

آڪٽوبر 24, 2023

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد ۾ پوليس هٿان مارجي ويل صدام لاشاري جي قتل ڪيس جي عدالتي جاچ مڪمل، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت پوليس اهلڪارن جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو

 الزام هيٺ آيل اڳوڻو ايس ايڇ او نبي بخش ڏاهاڻي، غلام نبي بجاراڻي، اهلڪار غلام مرتضيٰ ٻرڙو ۽ شهزادو کوسو عدالت آڏو پيش ٿيا

 وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جاچ رپورٽ گهرو کاتي کي اماڻي آهي، جيڪا ٻن هفتن ۾ پڌري ٿيندي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو

ٻئي طرف مقتول جي ڀيڻ حسينا لاشاري چيو ته سندس ڀاءُ صدام کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، عدالت مان انصاف جي اميد آهي

Leave A Comment