صدام کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويو: دوست سان ڳالهه ٻولهه جي آڊيو ليڪ

جُون 13, 2023

ٺل ( ن پ و) جيڪب آباد پوليس پاران نوجوان صدام لاشاري کي مقابلي ۾ مارڻ جي حوالي سان ” پنهنجي ويب“  اهم شاهديون هٿ ڪري ورتيون آهن جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويو آهي

صدام لاشاري کي جيڪب آباد پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ۾ رکڻ جو  ثبوت ”پنهنجي ويب“ هٿ ڪري ورتو آهي جنهن م هن جي دوست سان فون ذريعي ٿيل ڳالهه ٻولهه جو رڪارڊ آهي

سامهون آيل آڊيو موجب صدام لاشاري جيڪب آباد جي اي سيڪشن ٿاڻي تان مشتاق کوسو کي فون ڪئي ۽ چيو ته مون کي آزد ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو جنهن تي صدام کي دوست مشتاق کوسو آٿت ڏيندي چئي رهيو آهي ته ايس ايڇ او اڄ يارهين وڳي توکي آزاد ڪرڻ جو چيو آهي، صاحب لاءِ مولوي کي 20 هزار ڏئي ڇڏيا آهن

هي به پڙهندا

 

آڊيو ۾ مشتاق کوسو صدام کان پڇي رهيو آهي ته ايس ايڇ او آفيس ۾ آيو آهي جنهن تي صدام چيو ته ها ويٺو آهي جلدي ڪريو

مبينا آڊيو مان  اهو پتو پوي ٿو ته جيڪب آباد جي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس صدام کي پهريان لاڪ اپ ۾ رکيو آهي جنهن بعد مقابلو ڄاڻائي هن کي قتل ڪيو آهي

Leave A Comment