| صدر، وزيراعظم ۽ نواز شريف جي مشاورت سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي، سياسي قيدي آزاد ۽ ڪيس ختم ڪيا وڃن: قومي ڪانفرنس |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي جو اجلاس، سياسي بحران، دهشتگردي ۽ رياستي ڪمزوري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي جي اجلاس دوران ملڪ کي درپيش سياسي، معاشي ۽ سلامتي چئلينجن تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. اجلاس ۾ مختلف سياسي اڳواڻن، اڳوڻن وزيرن ۽ تجزيه نگارن شرڪت ڪري سياسي استحڪام لاءِ جامع قومي ڊائيلاگ کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏنو. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن نيت نيڪ هجي ته مسئلن مان نڪرڻ جا رستا ضرور ملي ويندا آهن. آئين جي ڀڃڪڙي، چونڊن ۾ بي ضابطگين ۽ قانون جي عدم حڪمراني سڌو سنئون معيشت کي متاثر ڪن ٿيون. شاهد خاقان عباسي چيو ته سياسي هم آهنگي کان سواءِ ملڪ نٿو هلي سگهي ۽ مسئلن جي ذميواري سڀني تي لاڳو ٿئي ٿي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو ته ملڪ کي فوري طور تي مثبت ۽ سنجيده سياسي سرگرمين جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ بي اعتمادي جي فضا قائم آهي ۽ سياسي بحران جو حل رڳو سياسي بنيادن تي ممڪن آهي. لياقت بلوچ چيو ته طاقت جي استعمال سان مسئلا حل نٿا ٿين ۽ سياسي قيدين، خاص طور تي عورت سياسي ڪارڪنن جي آزادي بنيادي مطالبو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئرسٽر سيف چيو ته پاڪستان هن وقت ڊس فنڪشنل اسٽيٽ جي حالت ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن حالتون ڪنٽرول ۾ نه آيون ته ملڪ فيل اسٽيٽ ڏانهن وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته مالي بحران، دهشتگردي ۽ سول ملٽري تڪرار رياستي ڪمزوري جون علامتون آهن، جڏهن ته سياسي پولرائزيشن رياستي نظام کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. بئرسٽر سيف چيو ته قومي ڊائيلاگ ۾ اهم سياسي جماعتن جي غير موجودگي ڳڻتي جوڳي آهي، انا، عدم تحفظ ۽ سياسي مفادن سبب ڳالهين جو عمل اڳتي نٿو وڌي. سياسي سيز فائر وقت جي اهم ترين ضرورت آهي ۽ اختلاف راءِ کي نفرت ۽ تڪرار ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪڻ گهرجي. بئرسٽر سيف چيو ته عمران خان سميت سمورن سياسي قيدين جي آزادي جمهوريت جي بحالي لاءِ ضروري آهي ۽ اعتماد کانسواءِ ڪنهن به سياسي حل جو امڪان ناهي. اجلاس کي خطاب ڪندي جنرل (ر) زاهد چيو ته هن خطي ۾ نان اسٽيڪ هولڊرز موجود آهن ۽ جنگ ۽ سياست کي هڪ ئي نظر سان ڏسڻ درست ناهي. بلوچستان، ڪراچي ۽ خيبرپختونخواهه دهشتگردي کان متاثر آهن ۽ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي سان رڳو پشتون نه پر سمورو پاڪستان متاثر ٿي رهيو آهي. دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ عوامي حمايت لازمي آهي ۽ سياسي جماعتن کي هڪ ٻئي لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته شهيد ٿيندڙ جوان ملڪ لاءِ قرباني ڏئي رهيا آهن، تنهن ڪري سياسي پارٽين کي اختلافن باوجود قومي مفاد ۾ گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو، ٻي صورت ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون. وسيم شهزاد چيو ته دنيا تيزي سان نئين ورلڊ آرڊر ڏانهن وڌي رهي آهي، جتي قانون بدران طاقت جو راڄ وڌي رهيو آهي. يوڪرين، غزه، يمن ۽ ايران سميت ڪيترن علائقن ۾ جنگي حالتون آهن، جنهن سبب ڪمزور ملڪن لاءِ چئلينج وڌي ويو آهي. عالمي منظرنامي ۾ معاشي استحڪام بقا جو بنيادي شرط بڻجي چڪو آهي، پاڪستان اندر به سماجي ۽ ادارتي بگاڙ واضح نظر اچي رهيو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته قومن کي وڳوڙ نه پر ڊائيلاگ اڳتي وڌائيندو آهي. قومي سلامتي رڳو هٿيارن ۽ سرحدن تائين محدود ناهي، پر انصاف، آئين تي عمل ۽ انساني حقن جي تحفظ سان جڙيل آهي. شير افضل مروت چيو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک سخت متاثر ٿي چڪي آهي ۽ ملڪ عالمي ريپيوٽيشن انڊيڪس ۾ پوئتي هليو ويو آهي. هن چيو ته سياسي اختلاف کي دشمني ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، تاريخ شاهد آهي ته وڏن تڪرارن جو حل هميشه ڳالهين ذريعي نڪتو آهي. ٽن سالن کان قومي سطح تي ڊائيلاگ نه ٿيڻ نظام جي ناڪامي آهي ۽ دهشتگردي ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي.. اجلاس جي آخر م نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي پنهنجي پڌرائي جاري ڪندي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي ٻڌل اعليٰ سطحي ڪميٽي ٺاهڻ جي تجويز ڏني. پڌرائي مطابق سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ فوري طور اپوزيشن ليڊرن جي مقرري، سياسي ۽ عورت ڪارڪنن جي آزادي ، ميڊيا سينسرشپ جي خاتمي ۽ سياسي ماڻهن خلاف ڪيس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. پڌرائي مطابق سياسي قيدين جي آزادي سان حڪومت تي ڳالهين بابت اعتماد وڌندو. اجلاس ۾ شهيدن جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي ۽ قومي ڊائيلاگ جي عمل کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي جو ايندڙ اجلاس ملتان ۾ منعقد ڪيو ويندو.