صدرجون ڀٽيون واسي پروفيسر جو وياجين جي ظلم خلاف پيادل مارچ

آڪٽوبر 9, 2023

گمبٽ (رپورٽر) وياجين جي ظلمن کان تنگ ٿي صدر جون ڀٽيون واسي پروفيسر نذير حسين چنو گمبٽ پريس ڪلب پهتو

 ان موقعي تي پروفيسر نذير حسين چنو چيو ته وياجين  کان 69 لک ورتا هئا، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ڏئي چڪو آهيان پر وياجين زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي، مجبورن صدر جون ڀٽيون کان ڪراچي تائين پيادل مارچ لاءِ نڪتو آهيان

هن چيو ته وياجين خلاف پوليس وٽ دانهيو پر ڪنهن به مدد نه ڪئي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪندي ڪراچي آءِ جي آفيس اڳيان احتجاج ڪندس، جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندس

Leave A Comment