صدر آصف ۽ بلاول ڀٽو پاران شهيد بينظير جي مزار تي حاضري

صدر آصف ۽ بلاول ڀٽو پاران شهيد بينظير جي مزار تي حاضري

نئون ديرو (ن پ ا) صدر پاڪستان آصف علي زرداري صدر هائوس نئون ديرو کان روڊ رستي جمهوريت جي علمبردارن شهيد جي سرزمين ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي گل نڇاور ڪري فاتح خواني ڪري دعا گهري. صدر پاڪستان آصف علي زرداري ملڪ جي سلامتي ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ پڻ خصوصي دعا گهري. صدر پاڪستان آصف علي زرداري شهيدن جي مزارن سامهون ويهي ڪلام پاڪ جي تلاوت پڻ ڪئي. ملڪي صدر آصف علي زرداري جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچڻ کان اڳ مزار کي عام ماڻهن کان مڪمل طور تي خالي ڪرايو ويو. صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچڻ تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. ياد رهي ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ صدر هائوس نئون ديرو ۾ چار ڏينهن قيام ڪرڻ بعد ٻن ڏينهن جي دوري تي نواب شاھ روانو ٿي ويو. ان کان اڳ پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي پنهنجي شهيد والده شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مادرجمهوريت بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل رکي فاتحه خواني ڪري دعا گهري. پ پ چيئرمين جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچڻ کان اڳ مزار کي عام ماڻهن کان خالي ڪري سيڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد پ پ چيئرمين خانڳڙهه روانو ٿي ويو.