بنا وارنٽ گرفتاري اختيارن، هيڪ سميت 13بل واپس: پيمرا ترميمي آرڊينينس منظور

آگسٽ 16, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي صحيح ڪرڻ کان سواءِ بنا وارنٽ گرفتاري اختيارن، پبلڪ سروس ڪميشن، هيڪ سميت 13 بلز واپس وزيراعظم هائوس کي موڪلي ڇڏيا

 ذريعن مطابق صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر ترميمي بل واپس موڪلي ڇڏيو  آهي، بل پوليس کي بنا وارنٽ جي گرفتاري جا اختيار ڏيڻ بابت آهي، نيشنل اسڪلز يونيورسٽي ترميمي بل، امپورٽ ايڪسپورٽ ترميمي بل به واپس ڪيا ويا

هائير ايجوڪيشن ڪميشن ترميمي بل، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي بل، نيوز پيپر اينڊ نيوز ايجنسيز اينڊ بڪس رجسٽريشن بل، هورائيزن يونيورسٽي بل، صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنل جي تحفظ جو بل، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن بل، وفاقي اردو يونيورسٽي ترميمي بل، اين ايف سي انسٽيٽيوٽ ملتان ترميمي بل، انساني ترقي بابت نيشنل ڪميشن ترميمي بل، ٽيڪنالاجي بابت قومي اداري جو بل واپس اماڻيل بلن ۾ شامل آهن

صدر چيو آهي ته پارليامينٽ انهن بلن تي ٻيهر غور ڪري، جڏهن ته عارف علوي پيمرا ترميمي بل 2023ع تي حمايت جو يقين ڏياريو آهي، ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان مطابق صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پي ايف يو جي، اي پي اين ايس، پي بي اي، سي پي اين اي ۽ ايمنڊ جي نمائندن ملاقات ڪئي

 صدر ملاقات ۾ ميڊيا ورڪرز، صحافي برادري کي کي پيمرا ترميمي بل تي پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو آهي، صدر ميڊيا ورڪرز جي حقن جي تحفظ، پيمرا قانون ۾ ترميم متعارف ڪرائڻ تي ميڊيا برادري جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيو

عارف علوي چيو ته سرڪاري اشتهارن کي اليڪٽرانڪ ميڊيا ملازمن جي بقايائن جي ادائگي سان ڳنڍڻ سان انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي، صدر وفد سان قانون سازي جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي

صدر چيو ته ترميمي بل موجوده ميڊيا قانون ۾ بهتري آڻيندو، ميڊيا رضا ڪاراڻي طور تي نوجوانن کي فيڪ نيوز، ڊس انفارميشن جي باري ۾ آگاهه ڪري

هن چيو ته نوجوان فيڪ نيوس کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن، ٻارن کي خاص طور تي فيڪ نيوز جي نقصانن جي باري ۾ تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، ميڊيا خاص طور تي سينيئر صحافي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين سان رابطو وڌائين، سينيئر صحافي صحافت جي ميدان ۾ ٿيندڙ نئين پيش رفتن  جي باري ۾ شاگردن کي آگاهه ڪن

صدر معاشري ۾ مڪالمي ۽ خيالن جي آزاداڻي ڏي وٺ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ميڊيا جي نئين شڪلين خاص طور تي سوشل ميڊيا جي حرڪتن کي سمجهڻ گهرجي، ميڊيا جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي اخلاقيات، سوشل ميڊي اجي ذميواراڻي ۽ تعميري استعمال جي باري ۾ ٻڌائي

 وفد صدر کي نئين بل جي مختلف شقن جي باري ۾ ٻڌايو، وفد جو چوڻ هو ته ترميمي بل سان صحافي برادري سان گڏوگڏ ميڊيا ملازمن کي به فائدو پهچندو، وفد صدر پاران حمايت، ميڊيا، ميڊيا ڪميونٽي کي درپيش مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺڻ تي شڪريو ادا ڪيو

ٻئي طرف صدر ڊاڪٽر عارف علي پيمرا ترميمي بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، صدر بل جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني آهي، پيمرا ترميمي بل 2023ع مطابق سڌ سماءَ وزارت چيئرمين پيمرا جي لاءِ 5 نالا تجويز ڪندي، چيئرمين پيمرا جي مقرري جي لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جوڙي ويندي، چار رڪني ڪاميٽي ۾ قومي اسيمبلي ۽سينيٽ مان ٻه ٻه ميمبر شامل هوندا، اپوزيشن ۽ حڪومت جا هڪ جيترا ميمبر هوندا، ڪاميٽي چيئرمين پيمرا جي لاءِ صدر کي هڪ نالو موڪليندي، پارلياماني ڪاميٽي ۾ اتفاق راءِ نه  ٿيڻ تي سڌ سماءَ وزارت نالن جو پينل وزيراعظم کي موڪليندي، وزيراعظم چيئرمين پيمرا جي لاءِ مناسب نالو تجويز ڪري صدر کي موڪليندو

پيمرا ترميم ذريعي ميڊيا ورڪز جي  لاءِ پگهارن جي لفظ کي بقايائن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سڌ سماءَ جي اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميڊيا خاص طور تي ميڊيا ورڪرز کي باضابطه طور مبارڪ هجي، پرويز مشرف جي آمريت مان جنم وٺندڙ پيمرا جي ڪاري قانون کي پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي صورت ۾ آئين پاڪستان جي جمهوري ۽ بنيادي انساني حقن جي حدن ۾ آندو ويو آهي

سندس چوڻ هو ته آرٽيڪل 19 کي قانون جو حصو بڻائي اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني ٻڻايو ويو آهي، ٻن مهينن جي اندر بقايائن جي ادائگي نه ٿيڻ تي سرڪاري اشتهار بند ڪرڻ، پيمرا چيئرمين کان اختيارن جي ڪائونسل آف ڪمپلينٽس کي منتقلي، پي بي اي ۽ پي ايف يو جي جي نمائندن جي ڪائونسل ۾ شموليت سميت ڪيترائي اهڙا قدم هاڻي قانون بڻجي چڪا آهن

هن چيو ته مشاورت سان تيارل ٿيل هي متفقه قانون ميڊيا ورڪرز ۽ ميڊيا هائوسز جي گڏيل ڪاميابي آهي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي، پي بي اي، ايمنڊ، پي ايف يو جي، آر آءِ يو جي، سڌ سماءَ وزارت ۽ پيمرا جي آفيسرن سميت تمام ماڻهن جو شڪريو ادا ڪريان ٿي جن رهنمائي، معاونت ۽ مدد ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف، اڳوڻي ڪابينا، پارليامينٽ جي تمام ميمبرن جو به شڪريو ادا ڪيان ٿي جن هي تاريخ ساز فيصلو ڪيو

Leave A Comment