اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ)پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ صدر جي خطاب دوران اپوزيشن جو گوڙ، باجو وڄائڻ تان قادر پٽيل ۽ جمشيد دستي اٽڪي پيا
صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پهريون خطاب ڪيو، ان موقعي تي اپوزيشن ميمبرن گوڙ شروع ڪري ڏنو ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪري نعريبازي ڪئي
آصف زرداري جي خطاب دوران باجو وڄائڻ تان اپوزيشن ميمبر جمشيد دستي ۽ پ پ ايم اين اي قادر پٽيل تِکا ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي خلاف سخت جملا ڳالهيا جڏهن ته اسپيڪر کين ماٺ ڪرائيندو رهيو
ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين بيريسٽر گوهر چيو آهي ته پارليامنٽ ۾ اڄ هڪ غيرقانوني صدر جو خطاب ٻڌو، آصف زرداري کي صدر نٿا مڃون
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران بئريسٽر گوهر چيو آهي ته آصف زرداري غيرقانوني صدر آهي، وٽن عوامي نمائندگي نه آهي
هن چيو ته صدر هڪ سياسي پارٽي جي سربراهه جو به ڪم ڪري رهيو آهي، ڇا عارف علوي ڪڏهن سياسي سرگرمين ۾ ويو هو
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته صدر آصف زرداري پ پ چيئرمين جي عهدي تان استعيفيٰ نه ڏني آهي، اسان کيس قانوني صدر نٿا سمجهون