| صدر جي منظوري بعد جسٽس طارق محمود جهانگيري برطرف |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداريءَ جي منظوري کان پوءِ قانون واري وزارت جسٽس طارق محمود جهانگيري کي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي باضابطه طور تي ڊي نوٽيفاءِ ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ صدر آصف علي زرداري، طارق محمود جهانگيري کي هاءِ ڪورٽ جي جج طور ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي منظوري ڏني. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته طارق محمود جهانگيري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج بڻجڻ لاءِ اهل نه هو. برطرفي فوري طور تي لاڳو هوندي. واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جعلي ڊگري جي بنياد تي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو.