صدر جي هٽايل سيڪرٽري جو خط سامهون اچي ويو: علوي نه بل تي صحيح ڪئي نه واپسي جو چيو، فائل صدر وٽ موجود آهي:وقار احمد

آگسٽ 22, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر جي هٽايل سيڪرٽري جو خط سامهون اچي ويو، جنهن ۾ سيڪريٽري وقار احمد چيو آهي ته صدر عارف علوي نه بل تي صحيح ڪئي نه واپسي جو چيو جڏهن ته فائل اڃا تائين ايوان صدر وٽ ئي موجود آهي

صدر عارف علوي جي هٽايل پرنسپل سيڪريٽري وقار احمد صدر کي خط لکي چيو آهي ته توهان منهنجون خدمتون واپس ڪري ڇڏيون آهن پر آئون ڪجھه حقيقتون رکڻ چاهيان ٿو

خط ۾ سندس چوڻ آهي ته تاثر ڏنو ويو ته سيڪريٽري ڄاڻايل بلن بابت ڪا بي ضابطگي ڪئي آهي، پاڪستان آرمي ايڪٽ ترميمي بل 2 آگسٽ تي ايوان صدر کي مليو، جڏهن ته آفيشل اسيڪريٽ بل 8 آگسٽ تي آفيس بند ٿيڻ بعد مليو، 9 آگسٽ تي صدر کي موصول ٿيو، صدر کي آرمي ايڪٽ وارو بل 3 آگسٽ تي موڪليو  ويو

سيڪريٽري چيو ته آرمي ايڪٽ جو 10 ڏينهن وارو مدو 11 آگسٽ تي مدو پورو ٿيڻو هو، مون نه بل جي معاملي تي ڪا دير ڪئي نه بي ضابطگي ڪئي نه ڪوتاهي ڪئي آهي، حيقت اها آهي ته فائل اڃا به صدارتي چيمبر ۾ موجود آهن

وقار احمد وڌيڪ لکيو آهي ته صدر آرمي ايڪٽ بل تي ڪو به تحريري فيصلو نه ڪيو،  صدر عارف علويءَ جو سيڪريٽري جون خدمتون واپس ڪرڻ جو فيصلو نا انصافي تي ٻڌل آهي، آئون رڪارڊ پيش ڪري پنهنجي بي گناهي ثابت ڪندس

هن صدر کي اپيل ڪئي آهي ته ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائي وڃي، صدر ٻنهي بلن جي حقيقتن کان آگاهه آهي،  دير يا صدر جا حڪم نظرانداز ڪرڻ ۾ منهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي

 هن چيو ته آئين موجب صدر مملڪت 10 ڏينهن اندر بل بابت فيصلو ڪرڻ جو پابند آهي، مون کي غلط هٽايو ويوآهي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن منهنجو خدمتون واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي

 سندس چوڻ هو ته انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن زميوارن جو پتو پئجي سگهي، آئون پنهنجي بيان تي حلفي بيان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، صدر نه صحيح ڪئي نه ئي بل واپس موڪلڻ جو چيو

واضح رهي ته صدر علوي چيو هو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بلن تي صحيح ناهي ڪئي، بل عملي کي واپ ڪرڻ جو چيو هو، اهڙي بيان کان پوءِ ايوان صدر پاران صدر جي سيڪريٽري جون خدمتون اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي واپس ڪيون ويون

 ايوان صدر پاران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته صدر جي سيڪريٽري وقار احمد جي خدمتن جي وڌيڪ ضرورت نه آهي، ان ڪري سندس خدمتون اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي واپس ڪيون وڃن ٿيون

پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ جي گريڊ 22 جي آفيسر حميرا احمد کي صدر جو سيڪريٽري مقرر ڪيو وڃي

Leave A Comment