| صدر زداري سوڌو سڀني جا ٿورائتا آهيون، قومي سوچ جو ساٿ ڏنو: وزيراعظم |
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پاران حڪومتي ۽ اتحادي پارٽين جي سينيٽرز جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، وزيراعظم 27هين ترميم جي منظوري ۾ سهڪار تي ٿورا مڃيا، وزيراعظم چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين اتحادين جا ٿورائتا آهيون، سڀني هن قومي سوچ جو ڀرپور ساٿ ڏنو، شهباز شريف چيو ته وفاق جي مضبوطي، ملڪ جي وسيع مفاد، صوبن ۾ هم آهنگي وڌائڻ، گورننس کي بهتر ڪرڻ لاءِ 27هين آئيني ترميم لاءِ اسان سڀني گڏجي ڪوشش ڪئي، سڀني جي گڏيل ڪوششن سان پاڪستان کي شاندار مقام حاصل ٿيو آهي، معاشي بهتري اچي رهي آهي، ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي.