صدر زرداري، نوازشريف خلاف توشا خانه ڪيس بنا ڪارروائي ملتوي

صدر زرداري، نوازشريف خلاف توشا خانه ڪيس بنا ڪارروائي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ آصف علي زرداري، نواز شريف ۽ ٻين خلاف توشه خانه گاڏين واري ڪيس جي ٻڌڻي هڪ ڀيرو ٻيهر بغير ڪنهن اڳڀرائي جي ملتوي ڪري ڇڏي، ڪيس گذريل 16 مهينن کان التوا جو شڪار آهي. اسپيشل جج سينٽرل همايون دلاور ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ايف آءِ اي طرفان چالان بابت رپورٽ ڪالھه به عدالت ۾ جمع نه ڪرائي. احتساب عدالت مان منتقلي کان پوءِ 16 مهينا گذرڻ باوجود ڪيس جي ڪارروائي اڳتي وڌي نه سگهي آهي. احتساب عدالت 12 ڊسمبر 2024 تي هي ڪيس اسپيشل جج سينٽرل ڏانهن منتقل ڪيو هو، جنهن کان پوءِ هينئر تائين اسپيشل جج سينٽرل ۾ مجموعي طور 17 ٻڌڻيون بغير ڪنهن اڳڀرائي جي ملتوي ٿي چڪيون آهن. سال 2020 کان 2024 تائين نيب عدالتن ۾ هن ڪيس جون 60 ٻڌڻيون ٿي چڪيون آهن. نيب ترميمن سبب توشه خانه گاڏين وارو ڪيس اسپيشل جج سينٽرل ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو، جڏهن ته نيب هن معاملي تي سال 2020 ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو.