صدر زرداري جون دستگير، امام موسيٰ، محمد تقي جي مزارن تي حاضري

صدر زرداري جون دستگير، امام موسيٰ، محمد تقي جي مزارن تي حاضري

بغداد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري بغداد ۾ مقدس جڳهين تي حاضري ڀري. رپورٽ موجب صدر آصف علي زرداري حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رحه جي مزار تي فاتحه خواني ڪئي. انهي کان علاوه هن ڪاظميه مقدسه ۾ امام موسيٰ ڪاظم ۽ امام محمد تقي جواد جي روضن تي حاضري ڏني. صدر آصف زرداري روضه ڪاظميه ۾ امت مسلمه جي لاءِ امن، اتحاد ۽ سلامتي جي لاءِ دعا ڪئي. جنهن کان پوءِ هن زائرين جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا. صدر آصف علي زرداري  آئمه اهل بيت جي تعليمات کي علم، صبر، حڪمت ۽ اخلاقي طاقت جو سرچشمو قرار ڏنو. انهي کان علاوه آصف علي زرداري امام اعظم ابو حنيفه جي مزار تي به حاضري ڏني. صدر آصف علي زرداري سمورن مزارن جي منتظمين ۽ مبلغبين سان به ملاقاتون ڪيون.