| صدر زرداري جو ويجهو ساٿي غلام قادر مري لاڏاڻو ڪري ويو |
چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ جي سياسي اڳواڻ صدر آصف علي زرداري جو ويجھو ساٿي غلام قادر مري ڪجهھ عرضي بيمار رھڻ سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو خبر موجب پ پ اڳواڻ صدر آصف علي زرداري جي ويجھو ساٿي غلام قادر مري ڪجهه عرصو بيمار رھڻ بعد ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي نماز ڳوٺ دريا خان مري ۾ ادا ڪئ وئي سندس جنازي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ورڪرن صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھ مير منور ٽالپر ايم پي اي امداد پتافي سيد ضيا عباس رضوي سرفرار راڄڙ سميت ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي پ پ اوڳواڻ غلام قادري مري جي مڙھ اباڻي درگاھ سمن شاھ ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو. ٻي پاسي مري ھائوس تي وڇايل تڏي تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران تعزيت جو سلسلو جاري آھي