صدر زرداري دريا خان مري پهتو، غلام قادر مري جي وارثن سان تعزيت

صدر زرداري دريا خان مري پهتو، غلام قادر مري جي وارثن سان تعزيت

مسڻ وڏي (ن پ  ا)‎ صدر آصف علي  زرداري پنهنجي ويجهي دوست  غلام قادر مري جي لاڏاڻي تي وارثن سان تعزيت لاء ڳوٺ درياءَ خان مري پهچي ويو، صدر زرداري،  غلام قادر مري جي ڀائرن ڪانڀو خان مري ۽ اسماعيل مري سان ڏک ونڊيو، ان موقعي تي صدر آصف علي غلام قادر مري جي پارٽي لاءِ ڏنل خدمتن جي واکاڻ ڪندي کيس ڀيٽا ڏني،  سندس  چوڻ هو ته غلام قادر جون پارٽي لاءِ وڏيون خدمتون  هيون،  هميشه ياد رهندو،  صدر زرداري جي موجودگي دوران سڪيورٽي جا انتظام سخت  رهيا، وڏي انگ ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي، آصف زرداري  ڪجهھ وقت بختاور ھائوس ترسڻ بعد ڳوٺ دريا خان مري پهتو،  ذريعن موجب صدر ٻن ڏينھن تائين بختاور ھائوس تي ترسندو، پنهنجي  زرعي زمينن جو پڻ دورو ڪندو.