صدر زرداري سان مولانا فضل الرحمان جي ملاقات: 27 هين ترميم تي خدشا ظاهر   

صدر زرداري سان مولانا فضل الرحمان جي ملاقات: 27 هين ترميم تي خدشا ظاهر   

 ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) بلاول ھائوس ٽئين ڏينهن به سياسي سرگرمين جو مرڪز رھيو، صدر آصف علي زرداري سان ڪالهه وفاقي گھرو وزير محسن نقوي بلاول ھائوس ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ 27 ھين آئيني ترميم متعلق خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، انهي ملاقات ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پڻ موجود هو، بعد ۾ جي يو آءِ مولانا فضل الرحمان پڻ بلاول ھائوس پھتو، جتي ھن صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ۾ 27 ھين آئيني ترميم تي پنهنجي خدشن جو اظھار ڪيو، بلاول هائوس جي ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان ۽ صدر آصف علي زرداري وچ ۾ ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي.