| صدر زرداري پوليس ڀرتيون ناهن ڪرايون، مفتاح بيان واپس وٺي: لنجار |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار اڳوڻي مملڪتي وزير مفتاح اسماعيل جي صدر آصف زرداري تي پوليس ۾ ڀرتين بابت لڳايل الزامن جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته صدر زرداري سمورن وفاقي ايڪن جي نمائندگي ڪندڙ شخصيت ۽ پ پ حقيقي وفاقي جماعت آهي، صدر آصف زرداري کي ڪنهن هڪ صوبي، زبان يا قوميت تائين محدود ڪرڻ قومي يڪجهتي جي خلاف آهي، سنڌ پوليس سميت سموريون سرڪاري ڀرتيون مقرر قانونن، ڪوٽا پاليسي ۽ ميرٽ تي ڪيون وڃن ٿيون، مفتاح اسماعيل پنهنجي حقيقتن جي ابتڙ ۽ غير ذميواراڻي بيان جي وضاحت ڪري انهي کي واپس وٺي