| صدر زرداري ۽ ذوالفقار مرزا ۾ ٺاهه ٿيڻ جا افواهه |
بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) سنڌ جي اڳوڻي صوبائي گھرو وزير، نالي واري سياستدان ۽ صدر آصف علي زرداري جي ويجھي دوست ڊاڪٽر ذولفقار مرزا ۽ آصف زرداري ۾ ٺاھ ٿيڻ جا چوٻول ھلي رھيا آھن. ڊاڪٽر ذولفقار ۽ مرزا فيملي جو پيپلز پارٽي ۾ واپس اچڻ وارو معاملو سوشل ميڊيا جو ٽاپ ٽرينڊ بنجي ويو، ڊاڪٽر ذولفقار مرزا ۽ صدر آصف زرداري جون گڏيل تصويرن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ڌوم مچي وئي آھي، مقامي پ پ اڳواڻن پاران معاملي کي شوشو قرار ڏئي ڇڏيوآهي، ملڪ جو موجوده صدر ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ آصف علي زرداري ۽ ڊاڪٽر ذولفقار مرزا جي ياري ڏيھه پرڏيھه ۾ مشھور ھئي جيڪا محترم شھيد بينظير ڀٽو جي شھادت کان پوء پيپلز پارٽي کي حڪومت ملڻ بعد ڪن سببن جي ڪري ٽٽي وئي، جنھن کي تقريبن 15 سالن کان مٿي عرصو ٿي چڪو آھي، ڊاڪٽرذولفقار مرزا جو ظاھري طور ايم ڪيو ايم ملڪ دشمن ھئڻ تي ڪراچي ۾ سخت احتجاج سبب زرداري سان اختلاف وڌي وڃڻ ۽ پيپلز پارٽي کي الوداع ڪيو. ھن وقت سوشل ميڍيا تي ڊاڪٽر ذولفقار مرزا فيملي ۽ صدر آصف علي زرداري جو پاڻ ۾ ٺاھ ٿيڻ ۽ مرزا جو پ پ ۾ شامل ٿيڻ جون خبرون سوشل ميڍيا تي هلڻ بعد مرزا گروپ جي حامين جي چھرن تي مرڪون موٽي آيون آھن، ته ٻئي پاسي وري پيپلز پارٽي جي اڳواڻن توڙي سندن حمايتين جا منھن لٿل ٿا نظر اچن ۽ زرداري ۽ مرزا ۾ ٺاھ ٿيڻ وارين ڳالھين کي ڪوڙ تي ٻڌل ڊرامو قرار ڏئي رھيا آھن،
ٺاهه جي خبر ناهي: پيپلزپارٽي ۾ ڪنهن جي اچڻ وڃڻ سان فرق نٿو پوي: ضلعي سيڪريٽري
بدين: پيپلز پارٽي بدين جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سجاد چانڊيو چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۾ ڪيترائي اچن ٿا ڪيترائي وڃن ٿا جنھن سان ڪو به فرق نٿو پوي مرزا ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت ۾ ڳالھين يا شموليت جي اسان کي ڪا به خبر ناھي. مرزا فيملي پ پ ۾ آئي ته ويلڪم ڪنداسين پر پارٽي پاران ڪو به حڪم ناھي مليو، ھوڏانھن جي ڊي اي اڳواڻ مرزا جي ويجھي ساٿي دلبر خواجا موجب ته ملڪ جي سياستدانن ۾ ملاقاتون ٿينديون رھنديون آھن ڊاڪٽر ذوالفقار ۽ ڊاڪٽر فھميده مرزا به ملڪي ليول جا سياستدان آھن ھن وقت سوشل ميڊيا تي پيپلزپارٽي ۽ مرزا فيملي ۾ ٿيل ڳالھين ۽ پ پ ۾ شموليت جون ڳالھيون ھلي رھيون آھن پر اسان کي قيادت پاران ڪو به اطلاع ناھي پر سياسي پارو ڪجھ چڙھيل نظر اچي رھيو آھي ڪنھن ٽائيم ڪجھ به ٿي سگھي ٿو،
مرزا گروپ ۽ پيپلزپارٽي اڳواڻن ٺاهه جي تصديق يا ترديد نه ڪئي
بدين: پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز پاران ٻنھي ڌرين پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن ۽ مرزا فيملي جي فردن کان ٺاھ ٿيڻ بعد پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ واري معاملي جي تصديق ڪرڻ لاء رابطو ڪيو ويو ته ٻنھي ڌرين پاران ڪنھن به قسم جي باقائده تصديق نه ڪئي،