| صدر زرداري ۽ نواز شريف کي اعتماد ۾ ورتو، 27هين ترميم لاءِ گڏجي ڪوششون ڪيون: وزيراعظم |
اسلام آباد: وفاقي ڪابينا ۾ 27هين ترميم جي مسودي جي منظوري تي وزيراعظم اتحادين جا ٿورا مڃيندي چيو ته صوبن سان وفاق جي رشتي جي مضبوطي ۽ ملڪ جي وسيع مفاد ۾ 27هين ترميم لاءِ سڀني گڏجي ڪوشش ڪئي، صدر زرداري ۽ نواز شريف کي به ترميم تي اعتماد ۾ ورتو، ڪابينا ميمبرز 27 هين آئيني ترميم جي منظوري ڏني، اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي تجويزن جو جائزو پڻ ورتو ويو. هوڏانهن وزيراعظم پاران اڄ سينيٽرز جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو آهي.