فون جي گھنٽي وڄي.
22 مارچ 2026، آچر جي رات. فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ايران بابت فون ڪيو. فنانشل ٽائمز 23 مارچ تي اها خبر ٻن اهڙن ذريعن جي حوالي سان بریڪ ڪئي آهي، جن کي هن ڳالهه ٻولهه جا تفصيل ٻڌايا ويا ھئا. ٽائمز آف اسرائيل فنانشل ٽائمز جي حوالي سان رپورٽ ورجائي: پاڪستان پاڻ کي آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ ختم ڪرائڻ لاءِ بنيادي ٽياڪڙ طور پيش ڪيو آهي. فنانشل ٽائمز، سن يا مرر نه آهي، جيڪڏهن اها ڪجهه ڇاپي ٿي ته ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.
23 مارچ 2026. هيءَ تاريخ ياد رکو، ڇو ته هن ڏينهن جو، تاريخ جو حصو بڻجڻ جو امڪان آهي.
ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم Truth Social تي وڏن اکرن ۾ لکيو: “مون جنگ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته ايراني بجلي گهرن ۽ توانائي جي ڍانچي تي سمورا فوجي حملا پنجن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيا وڃن.”
بلومبرگ، سي اين اين، الجزيره، آهن پي آر سڀني تصديق ڪئي. ٽرمپ صحافين کي چيو ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ ايران سان “تمام سٺي ۽ نتيجه خيز ڳالهه ٻولهه” ٿي آهي ۽ ٻئي ڌريون “معاهدو ڪرڻ چاهين ٿيون.” هن چيو ته، خاص ايلچي اسٽيو وِٽڪاف ۽ جيريڊ ڪشنر آچر جي شام ايراني ڌر جي هڪ “اعليٰ شخصيت” سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. بنيادي مطالبو: ايران يورينيم جو رچاء بند ڪري. سي اين بي سي کي ٻڌايو ويو: “اسان معاهدي جي تمام ويجهو آهيون.”
ٽرمپ ڇنڇر ڏينهن 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏني هئي. هرمز جو سامونڊي لنگهه کوليو، نه ته بجلي گهر تباهه ڪيا ويندا. مهلت ختم ٿيڻِ کان اڳ ئي حملا ملتوي ٿي ويا. تيل جون قيمتون فوري طور تي گهٽجي ويون، ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ اوچتو سڌارو (اڀار) آيو.
ايران فوري طور ترديد ڪئي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ايراني سرڪاري خابرو اداري IRNA کي ٻڌايو: “گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ڪجهه دوست ملڪن جي ذريعي پيغام مليا هئا، جن ۾ چيو ويو ته آمريڪا جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو. پر ايران ڪو جواب نه ڏنو. گذريل چوويهه ڏينهن ۾ آمريڪا سان ڪا به ڳالهه ٻولهه يا مذاڪرات نه ٿيا آهن.”
مجلس جي اسپيڪر محمد باقر قالیباف وڌيڪ سخت لهجي ۾ ايڪس تي لکيو:
“آمريڪا سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. اهي ڪوڙيون خبرون آهن، جيڪي تيل ۽ مالي مارڪيٽن ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل کي جنهن ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن، ان مان ڪڍڻ لاءِ پکيڙيون پيون وڃن.”
پر ايراني ترجمان جي هڪ جملي تي ڌيان ڏيو: “دوست ملڪن جي ذريعي پيغام مليا.”
اهي “دوست ملڪ” ڪير آهن؟
سي اين اين موجب، ترڪي جي پرڏيهي وزير هاڪان فیدان 48 ڪلاڪن اندر درجن کان وڌيڪ فون ڪالون ڪيون. هن ايراني پرڏيهي وزير سان ڳالهايو، مصري پرڏيهي وزير سان ڳالهايو، قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ڳالهايو، سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهايو، پاڪستاني عملدارن سان ڳالهايو، ۽ مصر ۽ ناروي جي قيادت سان به ڳالهايو. سي اين اين لکيو: “ڳالهين جي ڄاڻ رکندڙ ماڻهن موجب، ترڪي ۽ مصر، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ پيغام پهچايا آهن.”
پر فنانشل ٽائمز لکيو: “بنيادي ٽياڪڙ پاڪستان آھي”. روايتي ٽياڪڙ عمان ۽ قطر ھن وقت گھٽ فعال آھن. ھاڻي سوال اھو آھي ته پاڪستان اھو ڪردار ڪيئن ادا ڪري سگھي ٿو؟ ان جي بنياد کي سمجهڻ ضروري آهي.
پهريون بنياد: رسائي۔
پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي، جنهن جي هڪ ئي وقت واشنگٽن، تهران ۽ رياض ٽنهي تائين رسائي آهي. واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جو هڪ حصو باقاعدي طور ايراني مفادن جي نمائندگي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ تہ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ 1979 (ايراني انقلاب) کان پوءِ سفارتي لاڳاپا ناهن. يعني جڏهن ايران کي آمريڪا تائين ڪو پيغام پهچائڻو هوندو آهي ته هڪ رستو اسلام آباد مان گذري ٿو.
مسلم نيٽورڪ ٽي وي کي هڪ پاڪستاني سينيئر سفارتڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو: “پاڪستان روايتي ٽياڪڙن جي جاءِ وٺڻ جي ڪوشش نٿو ڪري. اهو اهڙي وقت ۾ پل بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن اعتماد جو بحران شديد آهي ۽ رابطن جا ذريعا ٽٽل آهن.” هن وڌيڪ چيو: “پاڪستان کي هتي ڳالھ لاڳاپيل بڻائي ٿي، اها رسائي آهي- فوجي سطح تي به ۽ سياسي سطح تي به ٻنهي ڌرين تائين.”
ٻيو بنياد: عاصم منير جو ڊونلڊ ٽرمپ سان ذاتي تعلق۔
جون 2025۔ مئي جي پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ کان پوءِ ٽرمپ، عاصم منير کي وائيٽ هائوس سڏايو۔ ڪابينا روم ۾ مانجھاندو ٿيو، پوءِ اوول آفيس ۾ ملاقات ٿي۔ هڪ ڪلاڪ جي طئي ٿيل ملاقات ٻن ڪلاڪن کان وڌي وئي۔
ٽرمپ سان گڏ پرڏيهي وزير مارڪو روبیو ۽ وچ اوڀر لاءِ خاص نمائندو اسٽيو وِٽڪاف موجود هئا۔ عاصم منير سان صرف قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ هو۔ ڪوبه شهري وزير نه هو، نه ئي ڪو سفير۔
آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن صدر هڪ پاڪستاني فوجي سربراهه کي سول قيادت کان سواءِ اڪيلي وائيٽ هائوس ۾ سڏايو هو. ڊونلڊ ٽرمپ صحافين کي چيو:
“عاصم منير سان ملڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي۔ مون هن کي ان لاءِ سڏايو ته هن جنگ نه ڪئي، ان تي سندس ٿورا مڃيان.”
پوءِ هن چيو: “هو ايران کي اسان کان بهتر ڄاڻي ٿو۔ هو ايران بابت بلڪل خوش ناهي۔ هن (عاصم منير) منهنجي ڳالهه سان اتفاق ڪيو.”
ڊان اخبار لکيو ته اها ملاقات “پرک واري” نوعيت جي هئي، حتمي نه هئي۔ پر ٽرمپ لاءِ اها حڪمت عملي هئي۔ اسرائيل ايراني ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي شموليت چاهيندو هو، جڏهن ته ٽرمپ اهڙو ساٿي ڳولي رهيو هو، جيڪو ويجهو هجي ۽ جنهن وٽ انٽيليجنس جي گھرائي هجي۔
ٽيون بنياد: سعودي عرب جو دفاعي معاهدو
سيپٽمبر 2025 رياض جي الیمامہ محل ۾ ولي عهد محمد بن سلمان ۽ وزيراعظم شہباز شریف اسٽريٽجڪ باهمي دفاعي معاهدي تي صحيون ڪيون۔ عاصم منير به گڏ هو۔
بنيادي شق:
“ڪنهن به ڌر تي حملو ٻنهي تي حملو سمجهيو ويندو.”
هي ٻولي NATO جي آرٽيڪل پنج جهڙي آهي۔ هي معاهدو ان ڪري ٿيو، ڇاڪاڻ تہ سيپٽمبر 2025 ۾ اسرائيل دوحہ تي حملو ڪيو هو، جيڪو خليجي تعاون ڪائونسل جي ڪنهن ميمبر ملڪ تي پهريون حملو هو، ۽ خليجي ملڪن جو آمريڪي حفاظتي ضمانتن تان اعتماد لڏي ويو هو۔
28 فيبروري 2026:
جنگ شروع ٿي۔ ايران جوابي حملن ۾ سعودي عرب تي به ميزائل فائر ڪيا۔ ڇهه مارچ تي سعودي وزارت دفاع تصديق ڪئي ته شهزاده سلطان هوائي اڏي ڏانهن ايندڙ ٽي بيلسٽڪ ميزائل روڪيا ويا۔
ست مارچ تي سعودي عرب پهريون ڀيرو باهمي دفاعي معاهدو فعال ڪيو۔ عاصم منير فوري طور رياض پهتو۔ سعودي وزير دفاع شهزادي خالد بن سلمان سان ملاقات ٿي. شهزادي خالد ايڪس تي لکيو ته ٻنهي “ايراني ڊرون ۽ ميزائل حملن ۽ انهن کي معاهدي تحت روڪڻ جي قدمن” تي ڳالهه ڪئي۔ ايڪسپريس ٽريبون لکيو ته، عاصم منير جي دوري پاڪستان کي حرمين شريفين ۽ سعودي ڍانچي جي “سيڪيورٽي ضامن” طور پيش ڪيو۔ حج ٻه هزار ڇويهه ٽن مهينن کان به گهٽ فاصلي تي آهي ۽ حج جي سلامتي ايراني ميزائل حملن کان سڌي طرح خطري ۾ آهي۔
هڪ ٻيو تفصيل:
جنوري ٻه هزار ڇويهه ۾ پاڪستاني ايف 16 بلاڪ 52 جهاز سعودي عرب ۾ گھڻ قومي فوجي مشق لاءِ موجود هئا۔ تجزيه نگارن پوءِ لکيو ته هي موجودگي پوئتي ڏسڻ تي اهڙي هم آهنگي جي مشق لڳي ٿي، جيڪا حقيقي ٽڪراءَ ۾ گهربل هوندي آهي۔
چوٿون بنياد: ايران سان سرحد ۽ لاڳاپا
پاڪستان جي ايران سان نَوَ سئو ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي۔ وزيراعظم شہباز شریف مئي ٻه هزار پنجويهه ۾ پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ کان پوءِ فوري طور ايران جو دورو ڪيو هو۔ هن صدر مسعود پزشڪيان ۽ آیت اللہ خامنہ ای سان ملاقات ڪئي هئي۔ اهي ذاتي لاڳاپا اڃا به اهم آهن۔
ٽي مارچ ٻه هزار ڇويهه تي پاڪستاني پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار هڪ اهڙو بيان ڏنو، جنهن هر گاديءَ واري شهر ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو۔ هن چيو ته هن ذاتي طور تهران کي خبردار ڪيو آهي ته سعودي عرب تي حملو نه ڪري۔
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ان کي سنجيدگي سان ورتو۔ ان کي رد نه ڪيو، نه ئي ڪا ٺٺول ڪئي۔ هن ضمانتون گهريون ته سعودي سرزمين ايران خلاف استعمال نه ٿيندي۔ ايران ان کي ايترو سنجيدگي سان ورتو جو سعودي عرب ۾ ايراني سفير باقاعدي عوامي بيان ڏنو، جنهن ۾ رياض جي ان واعدي کي ساراهيو ويو ته ان جي سرزمين ايران خلاف استعمال نه ٿيندي۔
“دي ڊپلوميٽ” لکيو ته، پرڏيهي وزير ڊار پارليامينٽ کي بريفنگ ۾ ٻڌايو: “ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو، پر آمريڪا ايران جو پورو ايٽمي پروگرام مڪمل طور ختم ڪرائڻ چاهي ٿو۔”
ڊار وڌيڪ ٻڌايو ته پاڪستان اسلام آباد ۾ ٽياڪڙي وارين ڳالهين جي ميزباني جي پيشڪش ڪئي آهي۔
پنجون بنياد: اندروني جهڳڙو
جنگ شروع ٿيندي ئي پاڪستان اندر طوفان اٿي ويو۔ پاڪستان جي شيعه آبادي مجموعي آبادي جو پندرهن کان ويهه سيڪڙو آهي۔ آیت اللہ خامنہ ای جي شهادت جي خبر تي ماڻهو گهٽين ۾ نڪري آيا۔ ڪراچی ۾ مظاهرين آمريڪي قونصل خاني ڏانهن وڌيا۔ آمريڪي ميرين سيڪيورٽي گارڊن فائرنگ ڪئي۔ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ماڻهو مارجي ويا ۽ سٺ کان وڌيڪ زخمي ٿيا۔ سڄي ملڪ ۾ چڪرين دوران گهٽ ۾ گهٽ 23 ماڻهو مارجي ويا۔ گلگت بلتستان ۾ ٽن ڏينهن جو ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو۔ مظاهرين گڏيل قومن جي آفيسن تي حملا ڪيا، جتي ٻارهن ماڻهو مارجي ويا۔ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جون تصويرون ساڙيون ويون، جڏهن ته خامنہ اي جون تصويرون کنيون ويون۔ الجزيره لکيو ته پاڪستان جي خطرناڪ فرقيوارانه تاريخ هڪ وڌيڪ خطري جي پرت آهي۔
زينبيون برگيڊ، جيڪا پاڪستاني شيعه مليشيا آهي ۽ پاسداران انقلاب جي تربيت، مالي سهڪار ۽ ڪمان هيٺ ڪم ڪري ٿي، گذريل ڏهاڪي ۾ هزارين ويڙهاڪ ڀرتي ڪيا آهن۔ ڪرم ایجنسی، جيڪو هن بريگيڊ جو بنيادي ڀرتي مرڪز آهي، اتي ٻه هزار چوويهه جي آخري هفتن ۾ فرقيواراڻين چڪرين ۾ هڪ سئو ٽيهه کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا۔
20 مارچ تي عاصم منير راولپنڊي ۾ شيعه عالمن سان ملاقات ڪئي۔ هن پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جا تفصيل ٻڌايا ۽ صاف لفظن ۾ چيو: “پاڪستان ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ جي واقعن جي بنياد تي تشدد برداشت نه ڪيو ويندو.”
پاڪ فوج جي ترجمان به ان کي ورجايو: “ٻاھرين واقعن جي بنياد تي پاڪستان ۾ تشدد کي جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي.”
هاڻي تصوير ڏسو:
هڪ پاسي پاڪستان سعودی عرب سان دفاعي معاهدي ۾ ٻڌل آهي، ۽ معاهدي جي شق اڳ ئي فعال ٿي چڪي آهي۔ سعودي عرب لڳاتار نَوَ ڏينهن تائين ايراني حملا برداشت ڪيا آهن۔ سعودي عرب ۽ متحدہ عرب امارات ٻنهي چيو آهي ته ايراني حملن “ڳاڙهي ليڪ” پار ڪري ڇڏي آهي۔
پهرين مارچ تي امریڪا، بحرین، اردن، ڪویت، قطر، سعودی عرب ۽ متحدہ عرب امارات جو گڏيل بيان آيو: “اسان انهن حملن خلاف دفاع جي حق جي توثيق ڪريون ٿا.”
ٻئي پاسي، پاڪستان جي ايران سان نَوَ سئو ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي۔ اهو واشنگٽن ۾ ايراني مفادن جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ تهران سان سڌي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿو۔ ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان جي ڳالهه کي سنجيدگي سان وٺي ٿو۔
ٽئين پاسي، خليجي ملڪن ۾ لکين پاڪستاني مزدور ڪم ڪن ٿا، جن جا موڪليل پئسا (ترسيل زر) ملڪ جي معيشت جي شهه رڳ آهن۔
الجزيره لکيو آهي ته معاشي طور خليجي ملڪن مان موڪليل رقمون پاڪستان لاءِ قيمتي پرڏيهي ناڻو فراهم ڪن ٿيون۔
چوٿين پاسي ملڪ اندر فرقيواراڻي ڇڪتاڻ اڀري رهي آهي۔ پنجين پاسي افغانستان سان جنگ جاري آهي۔ پاڪستاني سفير (ماسڪو) تصديق ڪئي آهي ته اسلام آباد افغان تڪرار ۾ روسي ٽياڪڙي گهري آهي۔… ۽ انهن سڀني دٻائن جي وچ ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڊونلڊ ٽرمپ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي۔
هاڻي اڄ جي ڏينهن جي گهرائي کي سمجهو:
عالمي توانائي ايجنسي جي سربراهه فاتح بیرول ڪينبرا ۾ چيو: “جيڪڏهن صورتحال اهڙي ئي رُخ تي هلي ته ڪو به ملڪ هن بحران کان محفوظ نه رهندو.” هن چيو ته نَوَ ملڪن ۾ چاليهن کان وڌيڪ توانائي تنصيبات کي سخت نقصان پهتو آهي۔ هي بحران 1973 ۽ 1979 وارن تيل جي بحرانن جي گڏيل بحران کان به وڌيڪ خراب آهي، جن ۾ گڏجي هڪ ڪروڙ بيرل روزانو جو نقصان ٿيو هو۔ سامونڊي مال برداري جا انگ اکر فراهم ڪندڙ اداري زينيٽا جي ماهر پیٹر سینڊ سي اين اين کي ٻڌايو: هرمز لنگھ مان گذرڻ “ٻه هزار ڇويهه جي باقي عرصي لاءِ مڪمل طور ناممڪن آهي”،
آمريڪا ۾ پيٽرول جون قيمتون لڳاتار ٽيويھين ڏينهن وڌنديون رهيون ۽ 3 ڊالر 96 سينٽ في گيلن تائين پهچي ويون، جيڪو اضافو آگسٽ ٻه هزار ٻاويهه کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي۔
ايران جي دفاعي ڪائونسل ڌمڪي ڏني: جيڪڏهن بجلي گهرن تي حملو ٿيو ته سڄي خليج ۾ توانائي ۽ پاڻي جي ڍانچي کي نشانو بڻايو ويندو ۽ ھرمز جي سامونڊي رستن ۾ بارودي سرنگون وڇايون وينديون۔
“جھيڙي کان پري رھندڙ ملڪ” صرف ايران سان هم آهنگي ذريعي ھرمز واري لنگھ مان گذري سگهندا۔ ساحلن يا ٻيٽن تي حملو ٿيڻ جي صورت ۾ سڄي خليج مڪمل طور بند ڪئي ويندي۔
ٻئي پاسي اسرائیل تهران تي بمباري جاري رکي آهي۔ وڏي پيماني تي حملا ڪيا ويا۔
برطانوي وزيراعظم پارلياماني ڪميٽي کي ٻڌايو: “اسان بحرین، ڪویت ۽ سعودی عرب ۾ فوري طور مختصر فاصلي وارا فضائي دفاعي نظام نصب ڪري رهيا آهيون۔”
بحرين ۾ بہ زور دار ڌماڪا ۽ فضائي خطري جا سائرن ٻڌا ويا۔ AFP جي خاطوء موجب، ٽرمپ جي اعلان کان پوءِ به خليج ۾ پهريون ڀيرو سائرن وڄيا۔ بحرين جي گهرو وزارت شهرين کي چيو: “پرسڪون رهو ۽ ويجهي محفوظ جاءِ تي وڃو۔”
۽ ان سموري صورتحال جي وچ ۾ ولادیمیر زیلینسڪی چيو ته هن وٽ “ناقابل ترديد ثبوت” آهن ته روس ايران کي انٽيليجنس فراهم ڪري رهيو آهي۔
هاڻي ٻڌايو- هن شطرنج جي بساط تي پاڪستان ڪٿي بيٺو آهي؟
پاڪستان هڪ رسي تي هلي رهيو آهي۔ ساڄي پاسي سعودی عرب آهي، جيڪو چوي ٿو ته معاهدي تي عمل ڪيو وڃي۔ کاٻي پاسي ایران آهي، جنهن سان سرحد آهي ۽ جنهن جي شيعه آبادي ملڪ اندر هر جمعي تي گهٽين ۾ اچي سگهي ٿي۔ هيٺ ٻارڻ جو بحران آهي، جيڪو معيشت جو ڪرنگھو ٽوڙي سگهي ٿو۔ مٿي ٹرمپ آهي، جيڪو هڪ ڏينهن مهلت ڏئي ٿو ۽ ٻئي ڏينهن معاهدي جي ڳالهه ڪري ٿو۔ انهن سڀني حالتن جي وچ ۾ عاصم منير جو ڪارنامو اهو آهي ته هن ٽنهي ڌرين جو اعتماد برقرار رکيو آهي۔ ٽرمپ هن کي “پنهنجو پسنديده فيلڊ مارشل” سڏي ٿو۔ سعودي ولي عهد هن سان ذاتي طور ملي ٿو، ۽ ايراني پرڏيهي وزير هن جي ملڪ جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌي ٿو۔ ٽنهي ڌرين تائين هڪ ئي وقت رسائي ئي اصل طاقت آهي۔پر خطرا به اوترا ئي وڏا آهن۔ جيڪڏهن خليجي تعاون ڪائونسل گڏيل فوجي ڪارروائي جو فيصلو ڪري ٿي ته پاڪستان تي باهمي دفاعي معاهدي تحت فوج موڪلڻ جو دٻاءُ وڌندو۔ سعودی عرب ۽ متحدہ عرب امارات “ڳاڙهي لڪير” جي ڳالهه ڪري چڪا آهن۔ تجزيه نگار رضا رانا الجزيره کي ٻڌايو: “ايران جو بنيادي خطرو فضائي آهي—ڊرون ۽ ميزائل۔ ۽ اهو ئي شعبو آهي، جتي پاڪستان مدد ڪري سگهي ٿو۔ پر ان جو مطلب ٿيندو ته پاڪستان جنگ ۾ ڌر بڻجي وڃي۔ ۽ اهو سڀ کان وڏو سوال آهي۔”
وزير دفاع خواجہ آصف اڳ ئي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان ايران خلاف ڪنهن به فوجي مهم ۾ حصو نه وٺندو۔ پر بيان ڏيڻ ۽ عملي طور ان تي قائم رهڻ ٻه الڳ شيون آهن- جڏهن دٻاءُ وڌندو آهي ته واضح لڪيرون ڌنڌليون ٿي وينديون آهن۔
اڄ جو ڏينهن اهم آهي۔ چوويهه ڏينهن جي بمباري کان پوءِ پهريون ڀيرو هڪ دري کلي آهي— پنجن ڏينهن جي مهلت۔ ننڍڙي آهي، پر کلي آهي۔ ٹرمپ سي اين اين کي ٻڌايو: “ھرمز وارو لنگھ تمام جلد کلي ويندو۔” هن چيو ته هرمز تي گڏيل آمريڪي-ايراني ڪنٽرول ڏسڻ چاهي ٿو۔ هي تجويز ايتري حيران ڪندڙ آهي جو ڪيترن ماڻهن ان کي سنجيدگي سان وٺڻ کان انڪار ڪيو، پر ٽرمپ اها ڳالهه ڪئي آهي۔
اصل سوال اهو آهي: ڇا اهي پنج ڏينهن ڪافي آهن؟
ايران جو لهجو ڏسو ته نه ٿو لڳي۔ محمد باقر قالیباف اڳ ئي واضح ڪري چڪو آهي۔ دفاعي ڪائونسل بارودي سرنگن جي ڌمڪي ڏئي چڪي آهي۔ اسرائیل تهران تي بمباري بند نٿو ڪري۔ خليجي ملڪ، جيڪي اڳ جنگ جي مخالفت ڪري رهيا هئا، هاڻي چون ٿا ته جنگبندي کان اڳ ايراني فوجي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ ضروري آهي۔
پر هڪ فون آهي، جيڪو راولپنڊی مان واشنگٹن ويو آهي۔… ۽ هڪ ملڪ آهي جيڪو اسلام آباد ۾ ڳالهين جي ميزباني جي پيشڪش ڪري چڪو آهي۔ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته آمريڪي نائب صدر به اسلام آباد اچي ڳالهين ۾ شامل ٿيندو۔
اڄ دنيا جون نظرون واشنگٹن، تهران ۽ تل ابیب تي آهن- پر فون راولپنڊي مان آيو آهي۔ پاڪستان پنهنجي وزن کان وڌيڪ اثر ڏيکاريو آهي۔ پاڪستان ھيز پنچڊ وي ابوو ارٽس ويٽ
پنڊي وارا، افغانستان واري داءُ کان پوءِ شايد پاڪستاني تاريخ جو سڀ کان وڏي جوا کيڏي رهيا آهن۔ ٽرمپ، ايران ۽ عرب ملڪن جي وچ ۾ اچڻ شينھن تي سواري ڪرڻ برابر آهي۔ اقوام متحدہ لڳ ڀڳ معطل ادارو بڻجي چڪو آهي۔ غزہ امن بورڊ پليٽفارم طور استعمال ٿي سگهي ٿو۔ پر ٿورو به توازن بگڙيو ته ڪجھ وڏن جا سر کڻي سگھي ٿو. دعا آهي ته پاڪستان هن ۾ ڪامياب نڪري۔ ايندڙ پنج ڏينهن ٻڌائيندا ته هي فون تاريخ بدلائي ٿو يا صرف تاريخ جي حاشيي ۾ رهجي وڃي ٿو۔