ميھڙ/نئون ڳوٺ (نمائندن وٽان) بلوچستان ۾ دھشتگردن ھٿان شھيد ٿيل ميھڙ تعلقي جي ڳوٺ بخش لاکير جي رھواسي
ايف سي جي شھيد جوان علي باقر لاکير ۽ ڳوٺ اسحاق ماڇي جي رھواسي پاڪ فوج جي نائب صوبيدار غلام مصطفيٰ سولنگي جي وارثن سان پاڪ فوج جي ميجر جنرل محمد حسين
رٽائرڊ برگيڊيئر طارق قادر لاکير، ڊي سي دادو مرتضيٰ علي شاهه، ايس ايس پي دادو عبدالخالق پيرزادو ۽ ٻين آفيسرن شھيد جوانن جي اباڻي ڳوٺن ۾ پھچي شھيد پاڪ فوج جي جوان غلام مصطفيٰ سولنگي
جي والد ٺارو خان سولنگي، پٽ ياسر ۽ شھيد ايف سي اھلڪار علي باقر لاکير کي وڏي ڀاءُ ذاڪر حسين لاکير، چاچي رسول بخش ۽ سميع الله لاکير سان الڳ الڳ تعزيتون ڪيون ۽ سندس شھيد جوانن جي وارثن سان پڻ ملاقاتون ڪيون
شھيد ايف سي اھلڪار علي باقر لاکير جي وڏي ڀاءُ ذاڪر حسين لاکير کي لوڪل گورنمينٽ ۾ نوڪري ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ وارثن سان مالي سھائتا ڪئي وئي
هوڏانهن پاڪ فوج جي شھيد جوان غلام مصطفيٰ سولنگي جي وڏي پٽ ياسر سولنگي ۽ شھيد جي خاندان کي ڪينٽ حيدرآباد ۾ گھر ڏيڻ ۽ شھيد جي ٻئي پٽ ناصر سولنگي کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا ڪرائي پڙھائي جو خرچ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو
۽ شھيدن جي بيواهه سان مالي سھائتا پڻ ڪئي وئي.ان موقعي تي پاڪ فوج جي آفيسرن چيو ته شھيدن جوانن تي اسان کي فخر آھي، شھيد اسان جو شان آھن ۽ شھيدن جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو اسان انھن سان ھر وقت گڏ آھيون
دھشتگردن ھٿان شھيد ٿيل پاڪ فوج جي نائب صوبيدار غلام مصطفيٰ سولنگي جي پٽ ياسر سولنگي سان فون ذريعي صدر پاڪستان محمد عارف علوي تعزيت ڪئي صدر پاڪستان محمد عارف علوي فون ذريعي شھيد جي پٽ سان تعزيت ڪندي پوري خاندان جو شڪريو ادا ڪيو
ھن چيو ته غلام مصطفيٰ سولنگي پاڪستان لاءِ قرباني ڏني آھي، ھن جي شھادت تي قوم تي فخر آھي، ھن ملڪ خاطر ان ڏني آھي، صدر پاڪستان چيو ته مان شھيد جي خاندان ۽ ميھڙ تعلقي جي علائقي واسين جو شڪريو ادا ڪريان ٿو شھيد جي خاندان سان گڏ آھيان