صدر عارف علوي قومي اسيمبلي اجلاس سڏائڻ جو اختيار وڃائي چڪو آهي: اسحاق ڊار

فيبروري 27, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اسحاق ڊار چيو آهي ته صدر عارف علوي چونڊن کي 21 ڏينهن گذرڻ بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو اختيار وڃائي ويٺو آهي

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته صدر هڪ ڀيرو ٻيهر آئين ٽوڙڻ چاهي ٿو، 21 ڏينهن گذرڻ بعد صدر وٽ اجلاس سڏائڻ جو اختيار نه رهيو آهي

 سندس چوڻ هو ته ايوان تڏهن مڪمل ٿيندو آهي جڏهن ميمبرز جو نوٽيفڪيشن ٿي چڪو هجي، ايوان ۾ جيڪي ميمبرز موجود هوندا اسپيڪر انهن کي حلف کڻائيندو، صدر کي باعزت طريقي سان اجلاس سڏائڻ گهرجي ها

Leave A Comment