اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائيز تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، اتحادي حڪومت به ختم ٿي وئي، نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ شهباز شريف ۽ راجا رياض ۾ اڄ ملاقات ٿيندي
پارلياماني معاملن واري وزارت اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري وزيراعظم کي اماڻي. پارلياماني واري وزارت پاران اماڻيل سمري ۾ اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ جو خانو خالي ڇڏيو ويو. ان ڪري جو اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ ۽ وقت جو فيصلو وزيراعظم کي ڪرڻو هو. پارلياماني معاملن واري وزارت جي سمريءَ تي وزيراعظم شهباز شريف صحيح ڪري ڇڏي. وزيراعظم جي صحيح کان پوءِ سمري صدر کي اماڻي وئي
صدر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 58 (1) ۾ ڏنل اختيار تحت سمريءَ تي صحيح ڪري قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، قومي اسيمبلي ٽٽندي ئي وفاقي ڪابينا به ختم ٿي وئي آهي، جڏهن ته وزير اعظم شهباز شريف نگران وزيراعظم جي اچڻ تائين پنهنجي عهدي تي برقرار رهندو. 35 وفاقي، 7 مملڪتي وزير، 5 صلاحڪار ۽ 41 خاص معاون به هليا ويا آهن. 38 پارلياماني سيڪريٽرين، 38 اسٽينڊنگ ڪاميٽون، انهن جا چيئرمين، 12 اسپيشل ڪاميٽيون، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي، رولز اينڊ پروسيجر ڪاميٽيون ختم ٿي ويون آهن
ٻئي پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي نگران وزيراعظم لاءِ ٻه نالا ڏئي ڇڏيا. ذريعن موجب پ پ اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل عباس جيلاني جو نالو ڏنو، جڏهن ته پ پ طرفان اڳوڻي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني جو نالو به ڏنو ويو آهي. تصدق جيلاني 11 ڊسمبر 2013 کان 5 جولاءِ 2014 تائين چيف جسٽس آف پاڪستان رهيو آهي، جڏهن ته جليل عباس جيلاني پرڏيهي سيڪريٽري ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير رهيو آهي
ذريعن موجب تصدق حسين جيلاني ۽ حفيظ شيخ نگران وزيراعظم لاءِ سڀ کان وڌيڪ فيوريٽ آهن. جڏهن ته نگران وزيراعظم لاءِ ڪنهن به نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو، وزيراعظم اپوزيشن ليڊر سان اڄ مشاورت ڪندو، جنهن کان پوءِ نگران وزيراعظم جي نالي جو اعلان ڪندو
امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته وزيراعظم اڄ اپوزيشن ليڊر سان مشاورت کان پوءِ نگران وزيراعظم جي نالي جو اعلان ڪري ڇڏيندو
هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڏنل سزا تي ڪا خوشي ناهي، پارليامينٽ سان الوداعي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪنهن به حڪومت لاءِ 16 مهينا مختصر ترين عرصو آهي، ان جي ڀيٽ ۾ وڏا چئلينج ۽ مسئلا هئا
سندس چوڻ هو ته گذريل حڪومت جي ناڪامين ۽ نااهلي جو بار اسان تي پيو. هن چيو عمران نيازي پنهنجي ذات خاطر ملڪ کي قربان ڪرڻ چاهيو، دوست ملڪن کي ناراض ڪيو، آءِ ايم ايف معاهدي ۾ ڏکيائيون پيدا ڪيون
هن چيو ته اسان جي حڪومت سياسي مخالفن کي جيل موڪلڻ ته پري جي ڳالهه پر انهن کي ناجائز طور تنگ به نه ڪيو، جيڪڏهن هڪ پارٽي جي ليڊر کي سزا ملي آهي ته اسان کي قطعي طور خوشي ناهي، دشمن کي به نه پٽڻ گهرجي پر الله جو رحم ۽ معافي وٺڻ گهرجي، ان تي مٺائي ورهائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڪنهن ائين ڪيو ته اها قطعي طور سٺي روايت ناهي
وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، اهو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو، 9 مئي تي جيڪو ٿيو اهو فوج ۽ آرمي چيف خلاف بغاوت هئي
هن چيو ته اڄ رات صدر کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري موڪليندس، اپوزيشن ليڊر راجا رياض سان سڀاڻي ملاقات ڪندس، اڄ وري هن ايوان کي 9 مئي جي سازش جو نوٽيس وٺي ٺهراءُ منظور ڪرڻ گهرجي ته جيئن قيامت تائين ملڪ ۽ فوج خلاف ڪو اهڙي جرئت جو سوچي به نه سگهي
شهباز شريف چيو ته اپوزيشن ليڊر راجا رياض سان اڄ ملاقات ڪري نگران وزيراعظم جي نالي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندس، جنهن کان پوءِ نالو اليڪشن ڪميشن کي موڪليو ويندو، ڇو ته مشاورت جي لاءِ 3 ڏينهن باقي آهن