صدر مادورو جو اغوا: اڄ سلامتي ڪائونسل اجلاس، وينزويلا جي نائب صدر اقتدار سنڀالي ورتو، آمريڪا حملا نه ڪري ڳالهيون ڪري: چين

صدر مادورو جو اغوا: اڄ سلامتي ڪائونسل اجلاس، وينزويلا جي نائب صدر اقتدار سنڀالي ورتو، آمريڪا حملا نه ڪري ڳالهيون ڪري: چين

ڪاراڪس/بيجنگ (م ڊ) آمريڪا هٿان وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو جي اغوا کانپوءِ نائب صدر ڊيلسي روڊريگز ملڪ جو انتظام سنڀالي ورتو آهي، هن آمريڪا کان صدر مادورو ۽ سندس گهرواري جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته چين به صدر مادورو جي گرفتاري جي مخالفت ڪندي سندس آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. رپورٽن موجب صدر نڪولس مادورو جي گرفتاري کان پوءِ وينزويلا جي سپريم ڪورٽ نائب صدر ڊيلسي روڊريگز کي ملڪ جو عبوري صدر مقرر ڪري ڇڏيو. عدالتي فيصلي موجب ڊيلسي روڊ ريگز عبوري صدر جي حيثيت ۾ صدر جا سمورا اختيار استعمال ڪندي، فرض ۽ ذميواريون سنڀاليندي ته جيئن رياستي معاملن ۾ تسلسل ۽ قومي دفاع کي يقيني بنائي سگهجي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مادورو کي اڃا تائين مستقل طور تي عهدي تان نه هٽايو ويو آهي ڇو ته آئيني طور تي اهڙو فيصلو ٿيڻ جي صورت ۾ 30 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي هوندو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڊيلسي روڊريگز کي صدارت جو حلف کڻايو. جنهن بعد هن وينزويلا جي صدرطور ذميواريون سنڀالي ورتيون. اقتدار سنڀالڻ بعد پهرين نيوز ڪانفرنس ۾ ڊيلسي روڊريگز آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان کي رد ڪندي نڪولس مادورو جي فوري طور آزادي جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته وينزويلا جو واحد صدر نڪولس مادورو ئي آهي، وينزويلا ڪنهن به ملڪ جي ڪالوني نه بڻجندو، اسان ملڪ ۽ قدرتي وسيلن جو دفاع ڪنداسين. ٻئي طرف چين وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو ۽ سندس زال جي فوري طور تي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ انهن جي صحت ۽ زندگين جي حفاظت جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. چيني پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪا وينزويلا ۾ ڪارروائي ڪري بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ ڏکڻ آمريڪا جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.  چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته چين کي مادورو ۽ سندس زال کي اغوا ڪرڻ ۽ انهن کي وينزويلا مان ٻاهر ڪڍڻ جي آمريڪي قدم تي سخت ڳڻتي آهي، جيڪو بين الاقوامي قانون، بين الاقوامي لاڳاپن جي بنيادي اصولن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته چين آمريڪا کان مطالبو ڪري ٿو ته مادورو ۽ سندس زال جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي، انهن کي فوري طور تي آزاد ڪري، وينزويلا جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ڪوششن کي روڪي ۽ ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪري. جڏهن ته اتر ڪوريا وينزويلا جي صدر مادورو کي نظربند ڪرڻ جي آمريڪي قدم کي وينزويلا جي خودمختياري تي سنگين حملو قرار ڏنو آهي. پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو ته اتر ڪوريا وينزويلا ۾ آمريڪا جي بالادستي واري قدم جي سخت مذمت ڪري ٿو، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هي واقعو هڪ ٻيو مثال آهي جيڪو هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا جي ناقابل اعتبار ۽ ظالماڻي طبيعت جي تصديق ڪري ٿو.

نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سومر ڏينهن هنگامي اجلاس گهرائي ورتو، جنهن ۾ وينزويلا ۾ آمريڪا جي فوجي ڪارروائي تي وڌندڙ عالمي ڳڻتي ۽ عالمي نظام کي پيش امڪاني خطرن تي غور ڪيو ويندو. اهو اجلاس ڪولمبيا جي درخواست تي گهرايو ويو آهي، جنهن جي چين ۽ روس حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته وينزويلا به باضابطا طور سلامتي ڪائونسل سان رابطو ڪيو آهي.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونتو گوتريس خبردار ڪيو آهي ته وينزويلا ۾ تازي اڳڀرائي عالمي قانونن لاءِ هڪ خطرناڪ مثال بڻجي سگهي ٿي. سندس ترجمان موجب سيڪريٽري جنرل کي ڳڻتي آهي ته آمريڪا جي ڪارروائي سان خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي.