| صدر مادورو نيويارڪ جي حراستي مرڪز منتقل، اڄ کان ڪيس هلڻ جو امڪان |
نيويارڪ/ڪاراڪس: وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو کي اغوا ڪري آمريڪا منتقل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وينزويلا جي صدر مادورو کي نيويارڪ اسٽيٽ نيشنل گارڊ جي هڪ فوجي گاڏي تي آندو ويو جتي کيس ايف بي آءِ اهلڪارن جي حوالي ڪيو ويو. رپورٽن موجب نڪولس مادورو کي هيليڪاپٽر ذريعي نيويارڪ منتقل ڪيو ويو جتي منشيات اسمگلنگ بابت ڪيسن کي منهن ڏيندو. رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وينزويلا ۾ گرفتاري کان پوءِ صدر مادورو کي ڪاراڪس کان آمريڪي هيلي ڪاپٽر ذريعي آمريڪي بحري ٻيڙي يو ايس ايس ايوو جيما منتقل ڪيو ويو، جتان جي تصوير صدر ٽرمپ پوسٽ ڪئي. پوءِ کيس ڪيوبا ذريعي نيو يارڪ پهچايو ويو. نيويارڪ پهچڻ تي، مادورو کي آمريڪي ڊرگ انفورسمينٽ ايجنسي (ڊي اي اي) آفيس ۾ نيو ويو. کيس وفاقي اداري ميٽروپوليٽن حراستي مرڪز ۾ رکيو آهي. صدر مادورو کي بعد ۾ مين هٽن ۾ ڊي اي اي آفيس کان بروڪلن ۾ ميٽروپوليٽن حراستي مرڪز منتقل ڪيو ويو. هن جي هڪ وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ مادورو کي نيويارڪ جي حراستي مرڪز ۾ ايندي ڏيکاريو ويو آهي. وينزويلا جي صدر تي منشيات ۽ هٿيار رکڻ جي الزامن تي ڪيس هلائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهي جيڪو سومر کان شروع ٿي سگهي ٿو.