اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ م ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته آئين جي ڀڃڪڙي ٿي ته ان جا سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا
حڪومت، اليڪشن ڪميشن، صدر ٽئين ذميوار هوندا سوال اهو آهي ته نتيجا ڇا هوندا؟ جسٽس اطهر وڌيڪ چيو ته آئين جي ڀڃڪڙي صدر ڪري يا اليڪشن ڪميشن، ارٽيڪل 6 ته لڳندو
هن چيو ته آئين جي ڪمانڊ وڏي واضح آهي، صدر کي تاريخ ڏيڻي هئي ان ۾ ڪو به اختلاف ناهي
جسٽس اطهر من الله وڌيڪ چيو ته آرٽيڪل 98 تمام واضح آهي ان تي ان عدالت جو ڪردار ڪٿي اچي ٿو؟ جنهن ڏينهن قومي اسيمبلي ٽٽي هئي ان ڏينهن صدر تاريخ ڏئي ها ته ڪير به اعتراض نه واري ها