| صدر ٽرمپ آمريڪي فوج کي گرين لينڊ تي حملي جي تياري جو حڪم ڏنو آهي: برطانوي ميڊيا |
لنڊن (م ڊ) برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فوج کي گرين لينڊ تي حملي جو منصوبو تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. برطانوي اخبار پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر جوائنٽ اسپيشل آپريشنز ڪمانڊ کي حملي جو منصوبو تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته جوائنٽ چيفس آف اسٽاف منصوبي جي مخالفت ڪري رهيا آهن سندن موقف آهي ته هي ڪارروائي غيرقانوني هوندي ۽ ڪانگريس ان جي حمايت نه ڪندي. اخبار موجب صدارتي صلاحڪار اسٽيفن ملر سميت ڪيترائي آفيسر گرين لينڊ تي حملي جي حق ۾ آهن ۽ وينزويلا خلاف تازين ڪامياب ڪارروائين کان پوءِ اسٽيفن ملر جهڙن آفيسرن جي همت وڌي وئي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته صدر ٽرمپ آمريڪي معيشت جي موجوده صورتحال تان عوام جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته سندس مقصدن ۾ وچ مدي وارين چونڊن کان اڳ ووٽرن جو ڌيان هڪ وڏي پرڏيهي مسئلي ڏانهن ڪرڻ شامل آهي. رپورٽ ۾ اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ گرين لينڊ تي حملو ڪيو ته اهو برطانوي وزيراعظم سان کليل اختلاف هوندو ۽ ان صورت ۾ نيٽو اتحاد ٽٽي پوندو.