| صدر ٽرمپ جي سربراهي ۾ غزه لاءِ “بورڊ آف پيس” جوڙڻ جو اعلان، اسرائيلي حملا جاري، حماس ۽ اسلامي جهاد ڪمانڊر شهيد |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا غزه جو انتظام سنڀالڻ لاءِ بورڊ آف پيس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته اسرائيل هوائي حملو ڪري غزه ۾ حماس جو سينئر ڪمانڊر شهيد ڪري ڇڏيو. مليل اطلاعن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ٽرٿ سوشل تي بورڊ آف پيس جي قيام جي حوالي سان هڪ بيان ۾ چيو ته اهو منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته بورڊ آف پيس قائم ڪيو ويو آهي. هن بورڊ جي ميمبرن جو اعلان جلد ڪيو ويندو، پر اهو مڪمل يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هي تاريخ ۾ ڪنهن به وقت ۽ ڪنهن به هنڌ تي ٺهيل سڀ کان وڏو ۽ معزز بورڊ آهي. صدر ٽرمپ هن بورڊ بابت هڪ ٻئي بيان ۾ چيو ته جيئن وچ اوڀر لاءِ آمريڪا جي خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف پاران اعلان ڪيو ويو آهي، اسان سرڪاري طور تي غزه لاءِ 20 نقطن واري امن منصوبي جي ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آهيون. هن وڌيڪ لکيو ته جنگبندي کان وٺي، ٽيم غزه تائين انساني امداد پهچائڻ کي يقيني بڻايو آهي، جيڪو تاريخي رفتار ۽ پيماني تي عام ماڻهن تائين پهتو آهي. گڏيل قومن به هن ڪاميابي کي بي مثال قرار ڏنو آهي. اهي نتيجا هن نئين مرحلي جو بنياد بڻجي ويا آهن. آمريڪي صدر ٽرمپ ٽرٿ سوشل تي لکيو ته بورڊ آف پيس جي چيئرمين جي حيثيت سان، هڪ نئين فلسطيني ٽيڪنيڪل حڪومت، غزه جي انتظاميه لاءِ قومي ڪاميٽي جي حمايت ڪئي پئي وڃي، جيڪا بورڊ جي اعليٰ نمائندي جي سرپرستي هيٺ آهي. هي فلسطيني قيادت امن جي مستقبل لاءِ پرعزم آهي. ٽرمپ چيو ته مصر، ترڪي ۽ قطر جي حمايت سان، حماس سان هڪ جامع غير فوجي معاهدو ڪيو ويندو، جنهن ۾ سڀني هٿيارن جي حوالي ڪرڻ ۽ هر سرنگ جو خاتمو شامل آهي. هن پنهنجي پيغام کي اهو چئي ختم ڪيو ته حماس کي فوري طور تي پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ گهرجن، جن ۾ آخري لاش جي اسرائيل ڏانهن واپسي ۽ مڪمل طور تي هٿيار ڦٽا ڪرڻ شامل آهي. ٻئي طرف حماس چيو آهي ته غزه پٽي ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ مارجي ويلن ۾ ان جي فوجي ونگ جو هڪ سينئر ڪمانڊر به شامل آهي، جنهن حملي ۾ 10 ماڻهو مارجي ويا. اسرائيلي فوج اڃا تائين واقعي تي ڪو بيان جاري نه ڪيو آهي. حماس موجب مارجي ويلن ۾ محمد الحولي به شامل آهي، جيڪو دير البله ۾ فوجي ونگ جو ڪمانڊر هو. مقامي ذريعن ٻڌايو ته اسلامي جهاد جي فوجي ونگ، قدس برگيڊ جو ڪمانڊر اشرف الخطيب به مارجي ويلن ۾ شامل هو. حماس الحولي خاندان جي گهر تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته آپريشن جنگ بندي معاهدي جي واضح خلاف ورزي آهي ۽ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اسرائيل معاهدي جو احترام نٿو ڪري، پر غزه جي ماڻهن خلاف جنگ ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. فلسطيني وزارت صحت چيو ته مارجي ويلن ۾ هڪ 16 سالن جو ڇوڪرو به شامل آهي. گذريل آڪٽوبر ۾ جنگ بندي لاڳو ٿيڻ کان وٺي 400 کان وڌيڪ فلسطيني ۽ ٽي اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن. اسرائيل غزه جي اڌ کان وڌيڪ حصي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، 20 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي بي گهر ڪيو آهي، انهن کي عارضي پناهه گاهه يا تباهه ٿيل عمارتن ۾ ڇڏيو آهي.