| صدر ٽرمپ منهنجو حقيقي والد آهي: راکي ساونت جي دعويٰ |
ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره راکي ساونت دعويٰ ڪئي آهي تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ منهنجو حقيقي والد آهي راکي ساونت پنهنجي بي باڪ تبصرن، بولڊ ڊريسنگ، تڪراري بيانن ۽ عجيب وغريب زباني انداز سبب خبرن جي بڻجي رهي رٿي. ڪجهه مهينا اڳ هن اها به دعويٰ ڪئي هئي ته هن اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو تبديل ڪيو آهي، ان کان سواءِ هن مختلف وقتن ۾ عمره ادا ڪندي به ڏٺي وئي. مگر تازو ئي راکي ساونت دعويٰ ڪئي آهي تہ هن جي والدہ گذاري وئي آهي، ۽ والدہ پنهنجي لاڏاڻي کان اڳ هڪ خط ڇڏي وئي جنهن ۾ مون لاءِ هڪ پيغام لکيو هو. راکي ساونت مطابق، ان خط ۾ والدہ ٻڌايو هو تہ “توهان هميشه مون کان پڇنديون هيو تہ اوهان جو والد ڪير آهي؟ تہ اوهان جو حقيقي والد ڊونلڊ ٽرمپ آهن.” راکي ساونت وڌيڪ ٻڌائين ٿي تہ والدہ جي لاڏاڻي کان پوءِ اها خبر پئي تہ منهنجو والد ڊونلڊ ٽرمپ آهن. اهڙي بيان سان اداڪاره سوشل ميڊيا تي هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد جو نشانو بڻجي رهي آهي، جتي صارفين ان کي صرف خبرن ۾ اچڻ جي ڪوشش سمجهي رهيا آهن. راکي ساونت جي نئين دعويٰ هڪ ڀيرو ٻيهر ان کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي، ڪيترائي ماڻهو ان جو مذاق اڏائي رهيا آهن. ڪي وري ان کي سنجيدگي سان وٺي رهيا آهن.