| صدر پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن لاءِ اعزازن جي منظوري ڏئي ڇڏي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن لاءِ فوجي اعزازن جي منظوري ڏئي ڇڏي. آءِ ايس پي آر مطابق صدر آصف علي زرداري پاڪ فوج، بحريه ۽ فضائيه جي آفيسرن ۽ جوانن کي مختلف فوجي اعزاز ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔ پڌرائي مطابق 11 ستاره بسالت، 475 تمغه بسالت، 130 امتيازي سرٽيفڪيٽ ۽ 378 چيف آف آرمي اسٽاف تعريفي ڪارڊز ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي۔ ان کان علاوه 23 هلال امتياز (ملٽري)، 100 ستاره امتياز (ملٽري) ۽ 136 تمغه امتياز (ملٽري) پڻ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي۔ ستاره بسالت حاصل ڪندڙن ۾ ميجر ڪامل حسين، ميجر سبتين حيدر (شهيد)، ميجر حمزه اسرار، ميجر عدنان اسلم (شهيد)، ڪيپٽن حسنين اختر (شهيد)، حوالدار علي بلاول (شهيد)، نائڪ بخت ضامن (شهيد)، سپاهي رحمان زادين (شهيد) ۽ سپاهي ثقلين حڪم داد (شهيد)، محمد سهيل ارشد هلال امتياز (ملٽري پاڪ بحريه ۽ ريئر ايڊمرل مظهر محمود هلال امتياز (ملٽري) پاڪ بحريه ملڪ به شامل آهن. تمغه بسالت حاصل ڪندڙن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد سيف الله بيگ، ميجر سيد معين عباس شاهه (شهيد)، ميجر دانيال تنوير راجا ۽ ڪيپٽن محمد علي قريشي (شهيد) سميت ٻيا آفيسر شامل آهن. هلال امتياز (ملٽري) حاصل ڪندڙن ۾ ميجر جنرل وسيم حيدر شاهه، ميجر جنرل محمد شمريز، ميجر جنرل ابوبڪر شهباز ۽ ميجر جنرل عمر فريد سميت پاڪ بحريه جي ريئر ايڊمرلز ۽ پاڪ فضائيه جي ايئر مارشلز شامل آهن.