| صدر ۽ وزيراعظم ۾ ملاقات: آمريڪا- ايران ڳالهين بابت مشاورت |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايوان صدر ا۾ هم گڏجاڻي منعقد ٿي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي شرڪت ڪئي. صدر آصف علي زرداري ايران آمريڪا ڳالهين دوران پاڪستان جي ڪردار ۽ ڪوششن جي ساراهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ۾ علائقي جي موجوده سلامتي ۽ سفارتي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته هي صورتحال نه صرف خطي پر عالمي سلامتي، معيشت ۽ سياست تي به گهرا اثر وجهي ٿي. ملاقات دوران وزيراعظم صدر کي ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي سمورن معاملن بابت اعتماد ۾ ورتو. ۽ ڳالهين جي مختلف مرحلن ۽ پاڪستان جي ثالثي سان حاصل ٿيل اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم صدر کي امن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجي ايندڙ سعودي عرب ۽ ترڪي جي دوري بابت به آگاهه ڪيو. صدر آصف علي زرداري هن سفارتي قدم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وزيراعظم، نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير، آرمي چيف، چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير، فوجي قيادت ۽ سمورن رياستي ادارن جي به ساراهه ڪئي.