صدف حاصلو ڪيس: قاتل مڱيندو سهولتڪار وڪيل سميت راڌڻ ڀرسان گرفتار

مَي 30, 2025

ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ڀرسان راڌڻ ٿاڻي جي حد سنڌي ٻٽڙا ۾ ھڪ گھر تي راڌڻ ۽ قمبر شھدادڪوٽ پوليس جي چڙھائي قمبر ۾ قتل ٿيل پرائمري ماسترياڻي صدف حاصلو جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار ڊسمس ٿيل پوليس اھلڪار فريد حاصلو کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آھي،  جڏھن ته سھولتڪار وڪيل عبدالقادر کوسو کي به گرفتار ڪيو ويو آھي سھولتڪار وڪيل عبدالقادر کوسو جي ڀاء پوليس اھلڪار احمد نواز کوسو کي به پوليس حراست ۾ وٺي جاچ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي.

ايس ايڇ او راڌڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي قمبر شھدادڪوٽ پوليس سان گڏ وڪيل عبدالقادرکوسو جي گھر تي ڇاپو ھنيو ويو، 7 اپريل تي قمبر ۾ قتل ٿي ڪيل پرائمري ماسترياڻي صدف حاصلو جي قتل ڪيس ۾گھربل جوابدار ڊسمس ٿيل پوليس اھلڪار فريد حاصلو کي گرفتار ڪيو ويو آھي، ھن چيو ته گرفتار جوابدار قتل تي ويل ماسترياڻي صدف حاصلو جي قتل ڪيس ۾ گھربل ھيو جيڪو روپوش ھيو، سرڪار پاران 25 لک انعام پڻ رکيل ھيو. ھن چيو ته اھڙي ڳجهي اطلاع ملڻ بعد اھڙي ڪارروائي ڪئي وئي آھي ايس ايڇ او موجب ته ابتدائي جاچ مطابق معلوم ٿيو آھي 7 اپريل تي جوابدار سسپنڊ ٿيل پوليس اھلڪار فريد حاصلو جنھن قمبر ۾ پرائمري ماسترياڻي صدف حاصلو کي قتل ڪرڻ بعد ھو سنڌي ٻٽڙا ۾ اچي وڪيل عبدالقادر کوسو وٽ پناهه ورتي ھئي ھن چيو ته جوابدار وٽان واقعي ۾ استعمال ٿيل موٽرسائيڪل به ھٿ ڪري ورتي آھي، جڏھن ته پستول ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رھيا آھيون.

 پوليس موجب ته گرفتار جوابدار فريد حاصلو ، سھولتڪار وڪيل عبدالقادر کوسو مٿان راڌڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو ۽ حراست ۾ ورتل سھولتڪار وڪيل جي ڀاءُ پوليس اھلڪار احمد نواز کوسو کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آھي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ گرفتار روپوش جوابدار فريد حاصلو کي قمبر شھدادڪوٽ پوليس حوالي ڪيو ويو آھي.

 ھوڏانھن ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي پاران گرفتار جوابدار فريد حاصلو ۽ سھولتڪار وڪيل عبدالقادر کوسو جون حراست ۾ ورتل تصويرون ظاھر ڪري ڇڏيون آھن، ايس ايس پي موجب ته گرفتار جوابدار فريد حاصلو مٿان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ نوڪري مان برطرف ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻئي طرف اي ايس پي قمبر شھدادڪوٽ انويسٽيگيشن آفيسر وارهه مان راڌڻ ٿاڻي تي پھچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب