دنيا جا ملڪ جديديت جي شاهراهه تي لڳاتار اڳتي وڌي رهيا آهن. ٽرانسپورٽ جون سهولتون هجن يا توانائيءَ جا ذريعا; هر شعبي ۾ انقلاب آيو آهي. خاص ڪري ريلوي نظام، جيڪو قومي ڪنھن ملڪ جي رڳن ۾ رت وانگر گردش ڪري ٿو، اڄ جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان همڪنار ٿي چڪو آهي. يورپ، جاپان، چين ۽ دنيا جا ڪيترائي ملڪ هاڻي بُلٽ ٽرينون هلائين ٿا، جيڪي نه صرف تيزيءَ جو استعارو آهن، پر معيشت جي مضبوط بنيادن جي پڻ علامت آهن. انهن ملڪن ۾ ريلوي رڳو سفر جو ذريعو ناهي، پر هڪ مڪمل سسٽم آهي ـ وقت جي پابندي، حفاظت، وسيع نيٽ ورڪ، روزگار، معيشت، ثقافت ۽ قومي سڃاڻپ جو مظھر. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته پاڪستان؛ جيڪو ڪڏهن ريلوي جي حوالي سان خطي ۾ بهترين مثال سمجهيو ويندو هو٫ اڄ عبرتناڪ زوال جو شڪار آهي. انگريز دور جي قائم ڪيل ريلوي اسٽرڪچر، جيڪو پاڪستان لاءِ هڪ وڏي نعمت هو، اسان جي حڪمرانن جي ڪرپشن، بي ڌياني ۽ بدانتظاميءَ سبب تباه ٿي ويو آهي. توڙي جو ريلوي وفاقي کاتو آهي پر ان جي سهولتن کي ھڪ صوبي تائين محدود ڪيو ويو آهي. اهو ئي ريلوي نظام، جيڪو هڪ وقت ۾ ملڪي معيشت جو سھارو هو، اڄ پنهنجا آخري پساهه کڻي رهيو آهي.
پاڪستان ريلوي جو سڀ کان وڏو سانحو اهو آهي ته ان کي شعوري طور تي تباهه ڪيو ويو. رياستي پاليسين ۽ مفادپرست فيصلن جي ڪري ملڪ جو هي ادارو قومي سطح بدران ھڪ صوبي جي حد تائين محدود ٿي ويو. جتي ڪڏهن ڪراچيءَ کان پشاور تائين زندگيءَ جي رونق ٽرينن جي صورت ۾ وهندي هئي، اڄ اُتي ويران پليٽ فارمز، زنگ آلود پٽڙيون ۽ بند اسٽيشنون ئي نظر اچن ٿيون. خاص طور تي سنڌ ۾ ريلوي جي حالت عبرتناڪ آهي. ٽرينن جا اسٽاپ ختم ڪيا ويا، سوين مقامي اسٽيشنون بند ڪيون ويون، ۽ جن اسٽيشنن کي ڪڏهن هزارين مسافر استعمال ڪندا هئا، اڄ اُتي ويرانيءَ جو راڄ آهي. ريلوي ٽريڪ، جيڪي سنڌ جي شهرن، ڳوٺن ۽ ثقافت جو اهم حصو هئا، هاڻي ٽٽل، ويران ۽ خطري جو سبب بڻيل آهن. نه مرمت، نه نگراني، نه حفاظت. جڏهن رياست جو رويو ئي بي حس ٿي وڃي ته ادارا پاڻمرادو ختم ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا.
ريلوي سان جڙيل هڪ پورو سماجي ۽ ثقافتي ورثو پڻ تباهه ٿي ويو آهي. ڪڏهن ريلوي سسٽم محفوظ ۽ سستي سفر جو ذريعو ھو. هر اسٽيشن وٽ پنهنجو ماحول، پنهنجو رنگ ۽ پنهنجي رونق هوندي هئي. هنن اسٽيشنن کي صرف عمارتون يا بورڊ نه سمجھڻ گهرجي، اهي انساني ميل ملاقات، ثقافتي ۽ اقتصادي سرگرمين جا مرڪز هئا. شادين مرادين جي موقعن تي ٽرينن جي گاڏن جي بڪنگ ٿيندي هئي، ڄڃ ٽرين ذريعي ايندي ويندي ھئي. پر افسوس، اهو سڄو ورثو اڄ تباھه ٿي چڪو آهي. هن تباهيءَ جي ذميوار صرف بي پرواهي يا نااهلي ناهي، پر سوچي سمجهي پاليسي پڻ آهي. ملڪ جي طاقتور قوتن جي ھڪ اداري کي مالي فائدو ڏيڻ لاءِ ريلوي جي مال گاڏين واري نظام کي ختم ڪيو ويو. اهو نظام جنھن تي صنعت، زراعت ۽ واپار جو دارومدار هو، ان کي زبردستي غير فعال ڪيو ويو ته جيئن ڪاروبار ٽرڪن/ٽرالرن ڏانهن منتقل ٿي وڃي. نتيجي ۾ روڊن تي وڌيڪ بار، وڌيڪ حادثا ۽ وڌيڪ خرچ پيدا ٿيا، پر هڪ پائيدار ۽ سستي ٽرانسپورٽ جو ذريعو هٿان نڪري ويو. ساڳي ريت، نجي ٽرانسپورٽرن کي فائدو ڏيڻ لاءِ ريل رستي مسافرن جي سفر واري سھولت کي به برباد ڪيو ويو. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته عوام کي مهانگي بس سروسز تي دارومدار ڪرڻو پيو، جڏهن ته ريلوي جيڪو قومي دولت هوندو آهي، اهو غير فعال بڻجي ويو.
ريلوي صرف ٽرينون يا پٽڙيون نه هونديون آهن؛ اهي قومن کي گڏ ڪري هلائينديون آهن. جيڪڏهن توهان دنيا جي ترقي يافته ملڪن کي ڏسو ته اتي ريلوي قومي اتحاد جو هڪ اهم ستون آهي. ان جي ابتڙ پاڪستان ۾ ريلوي کي هڪ صوبي پنجاب تائين محدود ڪرڻ، نه رڳو غلط آهي پر قومي وحدت لاءِ پڻ نقصانڪار آهي. سنڌ کي ٽرانسپورٽ جي سهولت کان محروم رکڻ، ان جي معاشي ترقيءَ تي سڌو اثر وجهي ٿو. جيڪڏهن رياست سنجيدگيءَ سان چاهي ته پاڪستان ريلوي کي ٻيهر زنده ڪري سگهي ٿي، پر ان لاءِ سياسي عزم، ايمانداري ۽ جديد ريلوي پاليسي جي ضرورت آهي.