صغير قريشي کي حيدرآباد جو ڊپٽي ميئر نامزد ڪرڻ تي پراڻا جيالا ناراض

جُون 6, 2023

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) پيپلزپارٽي پاران حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ ضلعي صدر ۽ وڏي وزير جي صلاحڪار صغير احمد قريشي کي ڊپٽي ميئر نامزد ڪرڻ واري فيصلي تي پ پ جا پراڻا جيالا ۽ اڳواڻ سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن

 هڪ ڏينهن اڳ حيدرآباد آمد دوران اڳواڻن سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي سامهون به احتجاج رڪارڊ ڪرايو، اڳواڻن جي احتجاج واريون وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي وائر ٿي ويون آهن

 وڊيوز ۾ واضح طور نظر اچي ٿو ته ڊويزنل سيڪريٽري آفتاب خانزادو سيد قائم علي شاهه کي دانهن ڏيندي احتجاج پيو ڪري ته جيڪڏهن ضلعي صدارت آهي ته اها به صغير قريشي ملي ٿي جيڪڏهن وڏي وزير جو معاون ٿيڻو آهي ته اهو به صغير قريشي ٿيندو ۽ هاڻي ڊپٽي ميئر لاءِ به پارٽي صغير قريشي کي نامزد ڪيو آهي هنن چيو ته اسان سان ناانصافي آهي ڇاڪاڻ ته انهن پيپلزپارٽي کي پنهنجي سموري زندگي ارپي آهي ۽ هن به ڊپٽي ميئر لاءِ پنهنجي درخواست اماڻي هئي پر ان تي غور ناهي ڪيو ويو

اهڙي ريت پيپلزپارٽي جي پراڻي جيالي فياض شاهه به ميان سرفراز ٽائون ۾ چيئرمين بدران وائيس چيئرمين مقرر ڪرڻ تي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه آڏو سخت احتجاج ڪيو

 احتجاج دوران فياض شاهه چيو ته پارٽي بلاول مصطفيٰ نالي شخص کي سرفراز ٽائون جو چيئرمين نامزد ڪيو آهي. ڄاڻايل شخص ڪڏهن پارٽي لاءِ ڪا قرباني ناهي ڏني ۽ نه ئي هو ڪڏهن ميمبر ئي رهيو آهي

 فياض شاهه موجب ته چيئرمين شپ تي سندس حق آهي ڇاڪاڻ ته هن سدائين پارٽي جي ڀلي ۽ ڪارڪنن جا معاملا حل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي

 سيد قائم علي شاهه ڊويزنل انفارميشن سيڪريٽري آفتاب خانزادي ۽ سيد فياض شاهه جي سخت احتجاج باوجود کين ڪا ورندي نه ڏني ۽ هو رڳو ٻنهي اڳواڻن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو

 پ پ ذريعن تصديق ڪئي آهي ته هڪ ڏينهن اڳ جڏهن سيد قائم علي شاهه حيدرآباد جي دوري تي آيو هو ان دوران پيپلزپارٽي جي اڳواڻ پرويز انصاري جي رهائشگاهه تي پهچي پ پ جي مقامي اڳواڻن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪندي احتجاج رڪارڊ ڪرايو

Leave A Comment