| صلاح مڃڻ جو انجام: شهري ٿيو مالامال |
واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ اوپري ماڻهو جي صلاح شهري کي مالامال ڪري ڇڏيو. ميري لينڊ رياست جي شهري حياتس ول سان واسطو رکندڙ شهري کي هڪ دڪان تي هڪ اوپري ماڻهو نئين لاٽري ۾ قسمت آزمائڻ جي صلاح ڏني. همراهه ان تي عمل ڪندي لاٽري ورتي ۽ اسڪريچ ڪرڻ تي خبر پئي ته هن هڪ لک ڊالرن جو انعام کٽيو آهي. هو انعام وٺڻ لاءِ پنهنجي زال کي وٺي ويو. هن لاٽري انتظاميا کي ٻڌايو ته منهنجي مڙس کي يقين ئي نه ٿي آيو ته ڪا هن لاٽري کٽي آهي.