لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻ صمصام بخاري به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، استحڪام پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪندو
پنجاب جي اڳوڻي وزير صمصام بخاري چيو آهي ته هر محب وطن پاڪستاني جيان مان به 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪيان ٿو
هن چيو ته ڪڏهن به تشدد واري سياست تي يقين نٿو رکان، هي ملڪ اسان جو آهي، ادارا به اسان جا آهن، اسان کي گڏجي ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي
صمصام بخاري چيو ته پي ٽي آءِ کان لاتعلقي جو اعلان ڪندي پارٽي ڇڏي رهيو آهيان. هوڏانهن صمصام بخاري استحڪام پاڪستان پارٽي جي چيئرمين جهانگير ترين سان ملاقات ڪئي
ذريعن موجب صمصام بخاري استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڪجهه ڏينهن ۾ پريس ڪانفرنس ڪري شموليت جو اعلان ڪندو