صندل خٽڪ جي رمانڊ جي درخواست رد، جيل اماڻيو ويو

جُون 13, 2023

اسلام آباد ( شوبز نيوز ) حريم شاهه جي وڊيو ليڪ ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار صندل خٽڪ کي عدالت 14 ڏينهن جي جڊيسل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

ٽڪ ٽاڪ اسٽار صندل خٽڪ کي ايف آءِ اي اسلام آباد ۾ جج محمد بشير جي عدالت ۾ پيش ڪيو  جتي جاچ آفيسر صندل خثڪ جي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي

ايف آءِ اي موقف اختيار ڪيو ته ڪيس ۾ هڪ وڌيڪ عورت عائشه ناز  به گهربل آهي جنهن جي حوالي سان جاچ ڪرڻي آهي صندل خٽڪ جو رمانڊ منظور ڪيو وڃي

عدالت ايف آءِ اي جي رمانڊ واري درخواست رد ڪندي ٽڪ ٽاڪ اسٽار کي عدالتي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، ياد رهي ته صندل خٽڪ کي حريم شاهه جي وڊيو وائرل ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ