صنعان قريشي جو جبري گمشدگين خلاف وڏو اعلان، سڀاڻي سنڌ ۾ احتجاج

جُون 30, 2025

ڪراچي/ملير (پنهنجي ڊيسڪ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته جسقم نوشهروفيروز جي چيف آرگنائيزر فيصل مستوئي سميت نوشهروفيروز مان گرفتاري بعد گم ڪيل جسقم جي سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد نه ڪرڻ لاقانونيت ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي

اهڙي لاقانونيت ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي خلاف فيصل مستوئي سميت نوشهروفيروز مان گرفتار ڪيل جسقم جي سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ جسقم ڪارڪن وات ۽ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پاڻ کي زنجيرن ۾ جڪڙي پريس ڪلبن اڳيان ۽ شهر جي مُک چونڪ تي احتجاجي مظاهرا ۽ بک هڙتالون ڪيون وڃن،

هن وڌيڪ چيو ته جسقم جا ڪارڪن پرامن ۽ هٿين خالي آهن جيڪي سنڌ جي تاريخي وجود جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، سنڌ جي سڀني مسئلن تي جسقم ڪارڪنن جو متحرڪ ڪردار رهيو آهي تنهن ڪري نوشهروفيروز جي سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي.

سنڌ ايمپلائيز الائنس جي ملازمن جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن

ٻئي پاسي  صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي پرامن احتجاج مٿان ڪراچي جي روڊن تي پوليس پاران تشدد تي چيو آهي ته پگھار ۽ پينشن ۾ اضافي ۽ ڊسپيرٽي ريڊيڪشن الائونس لاءِ سنڌ جا سرڪاري ملازمن جي احتجاج مٿان سرڪار جي شينگ ۽ لٺ بازي جي مذمت ٿو ڪريان،

سنڌ ايمپلائيز الائنس جي ملازمن جا مطالبا تسليم ڪيا وڃن، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سموري سنڌ جي سرڪاري ملازمن جون وفاق سميت ٻين صوبن جي سرڪاري ملازمن جيتري پگهارن ۾ واڌ ۽ پينشن ۾ 70 سيڪڙو واڌ ۽ 30 سيڪڙو الائونس جاري ڪيا وڃن، سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي جائيز مطالبتن کي حل ڪرڻ بدران سنڌ جي ملازمن جي پرامن احتجاج مٿان تشدد ڪنهن به صورت ۾ جهموري رويو ناهي، اهو عمل لاقانونيت ۽ ناانصافي آهي، پنجاب جي سرڪاري ملازمن ۽ سنڌ جي سرڪاري ملازمن ۾ فرق ڪرڻ وقاف ۽ سنڌ جي نااهلي آهي، سنڌ جي سمورن سرڪاري ملازمن کي به پنجاب جي ملازمن جيتري پگهار، پينشن ۽ الائونس ڏنا وڃن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • جهول ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب پورهيت فوت

  • حيدرآباد ۾وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل

  • ڀان سيد آباد ۾ حادثو، پيرسن عورت فوت

  • قاضي احمد ڀرسان ٿيل مقابلي جو ڪيس داخل