صنعتن لاءِ بجلي سستي جو حڪومتي پلان رد، ڊسڪوز جي انتظاميا خانگي شعبي حوالي ڪريو: آءِ ايم ايف

فيبروري 14, 2024

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف صنعتي شعبي لاءِ بجلي اگھن ۾ گھٽتائي جو پلان رد ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب نگران حڪومت آءِ ايم ايف کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري عالمي مالياتي فنڊ پاران صنعتي شعبي لاءِ بجلي اگھه گھٽائڻ جو پلان رد ڪندي گردشي قرضن ۾ گھٽتائي جي پلان تي به بي اعتمادي ظاهر ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف چيو آهي ته صنعتي شعبي جي اگھه ۾ گھٽتائي جي تجويز سان غريب گھريلو واهپيدارن تي بار پوندو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ پاور ڊويزن حڪومتي ڊسڪوز جي ڪاڪردگي ۾ بهتري ۽ بجلي چوري روڪڻ جومستند پلان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. آءِ ايم ايف چيو آهي ته حڪومت خاص شعبن کي رليف ڏيڻ بدران بجلي اگھن ۾ گھٽتائي لاءِ ٺوس قدم کڻي. آءِ ايم ايف پاران چيو ويو آهي ته حڪومت ڊسڪوز جي انتظاميا خانگي شعبي جي حوالي ڪرڻ جي شرطن تي عملدرآمد ڪري. بجلي اگھن ۾ لاٿ لاءِ ضروري آهي ته سڌارن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. ڊسڪوز جي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ بجلي چوري روڪي اگهه گهٽ ڪيا وڃن. پاور سيڪٽر جي بحالي پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي. ذريعن موجب ناڻي ۽ توانائي وارا نگران وفاقي وزير پاور ڊويزن جي ڪارڪردگي مان خوش ناهن. ياد رهي ته حڪومت صنعتي شعبي لاءِ اگھه 14 سينٽس مان گھٽائي 9 سينٽس ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي هئي، جنهن تحت صنعتي شعبي کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ گھريلو واهپيدارن تي 450 رپيا ماهوار فڪسڊ چارجز لاڳو ٿيڻا هئا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ