| صنعتن لاءِ گيس جو ڪيپيٽو ٽيرف غيرقانوني قرار |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئني بينچ انڊسٽريز تي سوئي سدرن گيس ڪمپني پاران ڪيپٽو ٽيرف لاڳو ڪرڻ غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت انڊسٽريز پاران ڪيپيٽو ٽيروف لاڳو ڪرڻ خلاف ڪرايل درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت هن مهل تائين وصول ڪيل رهتن کي ايندڙ بلن ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي، ياد رهي ته ايس ايس جي سي پاران فيبروري 2025 ۾ صنعتن تي ڪيپٽو ٽيرف لاڳو ڪيو هو، ڪيترن ئي صنعتن پاران ڪيپٽو ٽيرف خلاف درخواستون داخل ڪرايون ويون هيون، درخواستن ۾ چيو ويو آهي ته صنعتن تي ڪيپٽو ٽيرف لاڳو ڪرڻ سان پروڊڪشن لاڳت ۾ واڌ ٿيندي.